اومي ڪرون ۾ واڌ، تعليمي ادارن جي حوالي سان اهم خبر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزيءَ سان واڌ  ٿيندي پئي وڃي، جنهن کي ڏسندي تعليمي ادارن جي حوالي سان اهم اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.

ڪورونا وبا ۾ تيزيءَ سبب بين الصوبائي تعليمي وزيرن جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.

تعليم واري وزارت جي اختيارين موجب ڪانفرنس سڀاڻي صبح 11 وڳي ٿيندي، جنهن ۾ ڪورونا جي نئين قسم اومي ڪرون جي وڌندڙ ڪيسن جو جائزو ورتو ويندو.

تعليم واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪانفرنس ۾ ڪورونا سبب تعليمي ادارن جي بندش جي تجويز تي غور ٿيندو، جڏهن ته سمارٽ سليبس ۽ هفتي ۾ 3 ڏينهن ڪلاسن جون تجويزون به غور هيٺ اينديون.

اختيارين موجب ڪانفرنس ۾ ويڪسينيشن لازمي قرار ڏيڻ جي تجويز تي به غور ڪيو ويندو.

واضح رهي ته ملڪ جي مختلف شهرن، خاص طور ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي هاڪاري ڪيسن جي شرح ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ ٿي وئي آهي.

سنڌ جي صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جون 6048 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 1223 ڪيسن جي تصديق ٿي.

صحت کاتي ٻڌايو ته شهر ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 20.22 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ اومي ڪرون ڪيسن جي شرح 95 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.