جوهر ٽائون بم ڌماڪي ڪيس ۾ جوابدارن کي 9-9 ڀيرا موت جي سزا جو حڪم

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوهر ٽائون بم ڌماڪي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي 4 جوابدارن کي 9-9 ڀيرا موت جي سزا ڏئي ڇڏي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد حسين ڀٽا ڪوٽ لکپت جيل ۾ ان ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، عدالت جوهر ٽائون ڌماڪي ۾ ملوث 4 جوابدارن پيٽر پال، عيد گل خان، ضياءُ الله ۽ سجاد کي سزا ٻڌائي.

عدالت عورت جوابدار عائشا گل کي 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته مختلف قلمن ۾ جوابدارن کي قيد، ڏنڊ ۽ ديت جي ادائيگي جو حڪم به ڏنو.

پراسيڪيوٽر عبدالرئوف وٽو جوابدارن خلاف شاهديون پيش ڪيون، پراسيڪيوشن جي 56 شاهدن جوابدارن خلاف بيان قلمبند ڪرايا.

واضح رهي ته لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ 23 جون 2021 ۾ ڌماڪو ٿيو هو، جنهن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 24 زخمي ٿي پيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.