سٺي نظر لاءِ هنن بهترين غذائن جو استعمال عادت بڻايو

پنهنجي اکين جي نور کي وڌندڙ عمر سان گڏ محفوظ رکڻ چاهيو ٿا ته درست غذا جي چونڊ ڪريو.

اهو مشورو گلاڪوما رسرچ فائونڊيشن ڏيندي صحتمند نظر لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون آهن.

موتيا اکين جي ان مرض جو گروپ آهي جيڪا نظر کان محرومي جو سبب بڻجندڙ ٻيو وڏو سبب آهي.

فائونڊيشن موجب ٻين طبي مسئلن کان تحفظ سان گڏوگڏ سٺي غذا اکين لاءِ به اهم آهي.

ميوون ۽ ڀاڄين جو استعمال وٽامن اي ۽ سي حاصل ڪرڻ جو سٺو ذريعو آهي جڏهن ان سان جسم کي اينٽي آڪسائيڊنٽس ليوٽن ۽ zeaxanthin به ملي ٿي جيڪي ان دٻاءَ کان تحفظ فراهم ڪن ٿا جيڪو اکين جي عضون کي نقصان پهچائيندو آهي.

584 عورتن تي ٿيل هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته روزانو ڪجهه مقدار ميون يا جوس جو استعمال موتيا جي خطري کي 79 سيڪڙو تائين گھٽائي ٿو.

اهڙيءَ طرح ساون پنن وارين ڀاڄين جهڙوڪ پالڪ کائڻ سان به موتيا جو خطرو گھٽ ٿئي ٿو جڏهن ان سان جسماني ورم، ڪينسر، دل  جي مرضن ۽ عمر سان گڏ پٺن ۾ ٿيندڙ ڪمزوري جو به امڪان گھٽجي ٿو.

فائونڊيشن وڌيڪ ٻڌايو ته خشڪ ميوا ۽ ٻج وٽامن اي حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن جيڪي جيوگھرڙن کي صحتمند رکندي هاڃيڪار مواد کان تحفظ فراهم ڪندا آهن.

فائونڊيشن مڇي جي استعمال جو مشورو به ڏنو جيڪا اوميگا ٿري فيٽي ايسڊز سان ڀرپور هجڻ سبب موتيا جو خطرو گھٽائي ٿي.

اداري برٽش جرنل آف Ophthalmology جي هڪ تحقيق جو حوالو به ڏنو جنهن ۾ دريافت ڪيو ويو هو ته جيڪي ماڻهو روزانو گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڪپ گرم چانهه پيئندا آهن انهن ۾ موتيا جو خطرو ان شربت کان پري رهندڙن جي ڀيٽ ۾ 74 سيڪڙو تائين گهٽ هوندو آهي.

اهڙيءَ طرح اداري ڪيلن، چاڪليٽ، ڪدو جي ٻجن ۽ ڪارن ٻجن کي به نظر لاءِ فائديمند قرار ڏنو.

ان سان گڏوگڏ اهو به ٻڌايو ويو ته جيڪي ماڻهو موتيا متاثر آهن انهن کي اهڙين غذائن کان پاسو ڪرڻ گھرجي جيڪي ميٽابولزم سينڊروم، ٿولهه، بلڊ پريشر ۽ شگر جهڙن مسئلن جو سبب بڻجي سگھن ٿا.

حقيقت ۾ بلڊ پريشر ۽ بلڊ شگر کي معمول تي رکندڙ غذا موتيا جي خطري کي به گھٽائي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.