توهان ڄڻ کير جون نديون وهايون هيون: حماد اظهر جو بلاول کي جواب

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير حماد اظهر قومي اسيمبلي ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير تي ردعمل ۾ چيو توهان ته ڳالهيون ته اهڙيون ڪيون ڄڻ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهائي ويا هئا.

بلاول ڀٽو زرداري جي حڪومت تي تنقيد جي جواب ۾ حماد اظهر چيو ته انهن پنهنجي دورن ۾ معيشت جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو هو، صحت سهولت ڪارڊ انهن کي سٺو نه لڳندو، ڇو ته اهو ٽي ٽي جو متبادل ناهي.

هن چيو ته فصلن جي پيداوار ن ليگ جي دور کان ٻيڻي ٿي وئي آهي، اسان سنڌ تي يوريا جي سمگلنگ جو الزام نه پيا هڻون پر ذخيري اندوزي جو هڻي رهيا آهيون، بلاول ڀٽو جيترن ٽيڪسن جو ذڪر ڪيو، انهن مان 90 سيڪڙو ريفنڊ ٿي ويندا.

حماد اظهر، شهباز شريف تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ڪالهه اسان جي حڪومت کي نڀاڳو چيو ويو، اسان جي ڪنهن به ليڊر پٽيوالي جي اڪائونٽ ۾ اربين رپيا نه وڌا، اسان صبر سان اپوزيشن ميمبرن جون تقريرون ٻڌيون، اسان ڳالهائيندا آهيون ته انهن جو حوصلو جواب ڏئي ويندو آهي، اهي پنهنجون ڳالهيون ڪري چورن وانگر ڀڄي ويندا آهن، هاڻ ڏسو ڪيئن شرمندي ٿي اپوزيشن واپس ايوان ۾ اچي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.