خوشامدين جي رش وڌي وڃي ته حڪمرانن جي اقتدار جو آخري وقت هوندو آهي: خواجا آصف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته جڏهن خوشامدين جي رش وڌي وڃي ته حڪمرانن جي اقتدار جو آخري وقت هوندو آهي.

قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اسان گذريل 4 سالن کان حساب ڏئي رهيا آهيون، هي به ته حساب ڏين.

هن چيو ته اڄ به توهان جي ميمبرن جون ڪالز وڃي رهيون آهن ته فنانس بل تي ووٽ ڏيو، توهان هن ايوان کي عزت نه ڏيندئو ته توهان جو اقتدار ڪِري پوندو.

سندس چوڻ هو ته جڏهن اها ضرورت پئجي وڃي جو ويڙهه ۾ وڏي ڀاءَ کي گهرائڻو پئي ته معافي وٺي گهر هليو وڃڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.