ٻارن کي کير پيارڻ جي عادت عورتن کي خطرناڪ مرضن کان بچائي ٿي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) ٻارن کي کير پياريندر مائرن لاءِ هڪ سٺي خبر اها آهي ته ٻارن کي کير پياريندڙ مائرون ان جا گھڻا زبردست فائدا حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ دل جي مرضن ۽ فالج کان به محفوظ رهي سگھن ٿيون.
آمريڪن هارٽ ايسوسيئيشن پنهنجي تحقيقي جرنل ۾ چيو آهي ته هنن حمل دوران ۽ مائرن جي بيماري تي تحقيق ڪئي ته خبر پئي ته کير پيارڻ جو عمل هڪ پاسي ته ٻارن لاءِ فائديمند هوندو آهي ته ٻي پاسي وري ماءُ کي دل جي مرضن، بلڊ پريشر، شگر ۽ فالج وغيره کان به پري رکي ٿو.
ان کان اڳ ماءُ ۽ ٻار لاءِ کير پيارڻ جا فائدا سامهون ايندا رهيا آهن. صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) موجب باقاعدگي سان کير پياڪ ٻار ساهه جي مرضن، موت ۽ ٻين افيڪشنز کان محفوظ رهندا آهن. ان سان پاڻ ماءُ کي به فائدو ٿيندو آهي ۽ اها ڇاتي سميت مختلف قسمن جي ڪينسر کان به محفوظ رهندي آهي.
آسٽريا جي انسبرڪ ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڊاڪٽر پيٽر وائلي ۽ سندس ساٿين اها تحقيق ڪئي آهي. هنن پهريان کان موجود ڊيٽا بيس، سائنسي لٽريچر ۽ ٻين شاهدين کي به ڏٺو آهي.
پهريان 1986 ۽ 2009ع ۾ ڪيل اٺن سرويز کي ڏٺو ويو جيڪي مختلف ملڪن سان واسطو رکندڙ هيون. اهڙيءَ طرح 12 لک عورتن جو ڊيٽا سامهون آيو. عورتون جڏهن پهريون ڀيرو ماءُ بڻيون ته سراسري طور انهن جي عمر 25 سال هئي ۽ ڪيترن ئي ورهين تائين انهن سان رابطو رکيو ويو.
تحقيق جي 10 هين سال خبر پئي ته جن عورتن ٻارن کي باقاعدگي سان کير پياريو ته انهن ۾ دل جي مرضن ۽ ان سبب ٿيندڙ موت جو خدشو 17 سيڪڙو ۽ فالج جو خطرو 12 سيڪڙو تائين گھٽجي سگھي ٿو. پر ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته عورتون گھٽ ۾ گھٽ هڪ سال تائين اهو معمول جاري رکن.
جيڪڏهن اهي ان کان وڌيڪ عرصي تائين ٻار کي کير پيارين ٿيو ته ان جا فائدا به اوترا ئي وڌي سگھن ٿا. ماهرن سنڀي مائرن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پنهنجي ۽ ٻار جي صحت لاءِ کير پيارڻ جو عمل جاري رکن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.