ڪي اليڪٽرڪ جي صنعتي واهپيدارن لاءِ سستي بجلي پيڪيج ۾ واڌ جي منظوري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرانڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ جي صنعتي واهپيدارن کي سستي بجلي پيڪيج ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

نيپرا اختيارين موجب پيڪيج تحت واڌو بجلي استعمال ڪرڻ تي في يونٽ 12 رپيا 96 پئسا جو ملندو.

نيپرا اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي صنعتي واهپيدارن لاءِ واڌو بجلي استعمال تي سستو پيڪيج 30 جون 2021 تي ختم ٿيو هو، وفاقي حڪومت صنعتي پيڪيج ۾ آڪٽوبر 2023 تائين واڌ جي درخواست ڪئي هئي.

نيپرا موجب صنعتي واهپيدارن لاءِ ان پيڪيج جي منظوري ڏئي وفاقي حڪومت کي فيصلو موڪليو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.