ڪراچي ۾ ڪورونا سان گڏ اومي ڪرون ڪيسن ۾ به خطرناڪ حد تائين واڌ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ جتي ڪورونا ڪيسن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي، اتي ئي وري اومي ڪرون ويرينٽ جي شرح به خطرناڪ حد تائين پهچي وئي آهي.

سنڌ جي صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جون 6048 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 1223 ڪيسن جي تصديق ٿي.

صحت کاتي ٻڌايو آهي ته شهر ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 20.22 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ اومي ڪرون ڪيسن جي شرح 95 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي.

واضح رهي ته ڪراچي سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي بلند شرح وارو شهر به آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.