مڪران سمنڊ ۾ شديد زلزلي جو خطرو، ڪراچي به متاثر ٿي سگهي ٿو: ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل سونامي سينٽر جي ڊائريڪٽر چيو آهي ته سنڌ ۽ مڪران جي سمنڊ تي سوناميءَ جو خطرو لامارا ڏئي رهيو آهي.

نيشنل سونامي سينٽر جي ڊائريڪٽر امير حيدر موجب 1945 ۾ مڪران جي سمنڊ سان تباهي پکيڙيندڙ سونامي ٽڪرايو هو، جنهن کانپوءِ اها آفت هاڻ پنهنجو قدرتي ٽائم اسڪيل مڪمل ڪري چڪي آهي.

هن ٻڌايو ته مڪران جي سمنڊ ۾ موجد سبڊڪشن زون گهڻو سرگرم آهي ۽ شدت پڪڙي رهيو آهي، سبڊڪشن زون جي حيثيت سمنڊ ۾ ايٽم بم جي آهي، جيڪو ڪنهن به وقت ڦاٽي سگهي ٿو، عربي سمنڊ ۾ سونامي اچڻ جي صورت ۾ گوادر ۽ مڪران سمنڊ سڀني کان متاثر ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته اها آفت ڪراچي کي به وڏي گهٽ وقت ۾ پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي سگهي ٿي، موسميات کاتو سڀني لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ان قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ رٿابندي ڪري رهيو آهي.

هوڏانهن ڊائريڪٽر جنرل ميٽ چيو آهي ته موسميات کاتو مڪران سبڊڪشن زون ۾ شديد زلزلي جي خدشي جو اظهار ڪيترائي ڀيرا ڪري چڪو آهي، مڪران سب ڊڪشن زون ۾ ايتري توانائي گڏ ٿي چڪي آهي جو ڪنهن به وقت شديد زلزلو اچي سگهي ٿو، جنهن سان سونامي جو به خطرو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.