ڪنڌڪوٽ، ڄامشوري ۽ بدين ۾ اپوزيشن پارٽين پاران نئين بلدياتي نظام خلاف مظاهرا، ڌرڻا

سنڌ جي مختلف شهرن ڪنڌڪوٽ، ڄامشوري ۽ بدين ۾ اپوزيشن پارٽين پاران نئين مڪاني نظام خلاف ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

ڪنڌڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ ۽ فنڪشنل ليگ پاران عبدالعزيز سومرو، ظفر علي شيخ، سيد اظهر علي شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت وڏيرا شاهي وارو مڪاني نظام آندو آهي جنھن جي سڄي  سنڌ ۾ مخالفت ڪئي وئي آهي.

ڄامشوري ۾ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل پاران صالح محمد شاهه، حق نواز برهماڻي، ميان خان بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي طرفان بلدياتي نظام وارو ڪارو بل منظور ڪيو ويو آهي ان ڪاري قانون کي رد ڪيون ٿا.

بدين ۾ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۽ مرزا گروپ پاران نئين بلدياتي نظام خلاف ايوان صحافت بدين اڳيان خاور نظاماڻي,پير حامد شاھ,محمد موسا پھوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت مڪاني نظام جو عوام دشمن ڪارو قانون پاس ڪري سنڌ دشمني جو ثبوت ڏنو آھي, ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ان نئين نظام کي ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.