ڪراچي: مڙس ڪارنهن الزام هيٺ زال ۽ مائٽ کي قتل ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي بن قاسم ۾ مڙس ڪارنهن الزام هيٺ زال سميت ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب فائرنگ جو اهو واقعو بن قاسم ٽائون جي هڪ گهر ۾ پيش آيو، شروعاتي طور تي واقعو غيرت جي نالي تي قتل لڳي رهيو آهي.

پوليس اختيارين ٻڌايو ته مارجي ويل عورت ۽ مرد پاڻ ۾ مائٽ آهي، جڏهن ته فائرنگ مقتولا جي مڙس ۽ ان جي ڀاءَ ڪئي، واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.