ملڪ ۾ سون وڌيڪ سستو ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون اگهن ۾ گهٽتائي جو سلسلو اڄ به جاري رهيو.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت 300 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ هڪ لک 25 هزار 700 رپيا ٿي وئي آهي.

مقامي مارڪيٽ ۾ 10 گرام سون جو قدر 258 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ هڪ لک 7 هزار 767 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 11 ڊالر وڌي هڪ هزار 818 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.