پي ڊي ايم سربراهي اجلاس 25 جنوري تي طلب، لانگ مارچ اڻٽر ٿي ويو آهي: فضل الرحمان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته پي ڊي ايم جو 25 جنوري تي سربراهي اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ سميت سڀني آپشنز تي غور ڪيو ويندو.

اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان گڏ ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي 74 سالن جي تاريخ ۾ هن کان وڌيڪ نااهل حڪومت ناهي ڏٺي، وقت اچي ويو آهي ته حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ آئيني، قانوني رستو اختيار ڪيو وڃي.

ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته 23 مارچ تي ٿيندڙ مهانگائي مارچ انقلابي هوندو، حڪومت جي اتحادين کي به اپيل آهي ته اهي سوچين حڪومت ڇا ڪري رهي آهي، اسان عمران خان کي اهو حق نٿا ڏئي سگهون ته اسان جي ملڪ کي پرڏيهي ادارن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏئي.

هن چيو ته مني بجيٽ سان مهانگائي جو نئون طوفان ايندو، حڪومت کي عوام جو احساس ناهي، موجوده حالتن ۾ لانگ مارچ وڌيڪ اڻٽر ٿي ويو آهي، اسان سمجهون ٿا ته عوام سڌي ريت پنهنجي جنگ وڙهندو، پي ڊي ايم عوام جي قيادت ڪندي آواز بڻجندي.

سندس چوڻ هو ته 5 فيبروري تي ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار ٿيندو، ان کانپوءِ هڪله کان ڊيرا اسماعيل خان تائين ريلي ڪڍنداسين، 25 جنوري تي پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس ٿيندو، اجلاس ۾ معاملا طئي ڪيا ويندا، حڪومت خلاف قدمن تي غور ڪيو ويندو.

پي ڊي ايم سربراهه چيو ته خيبر پختونخواهه چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ فوج طلب ڪرڻ جو مطالبو رد ڪيون ٿا ۽ اليڪشن ڪميشن کان آزاد چونڊن جي ذميواري کڻڻ جو مطالبو ڪيون ٿا، اليڪشن ڪميشن ڪنهن جي غلام نه بڻجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.