وفاقي حڪومت نواز شريف کي موٽائڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پنجاب حڪومت کان نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽن تي ماهراڻي راءِ گهري ورتي.

اٽارني جنرل آفيس وفاقي ڪابينا جي روشني ۾ پنجاب حڪومت کي خط لکيو، جنهن ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ٿيندڙ رپورٽن بابت ماهرن کان راءِ وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ماهرن جي راءِ تي اڳوڻي وزيراعظم جي واپسي بابت اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي ويندي.

ذريعن موجب ماهرن نواز شريف جي صحت بهتر قرار ڏني ته ان جي ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو ويندو.

واضح رهي ته وفاقي ڪابينا نواز شريف جي معاملي تي شهباز شريف خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اٽارني جنرل کي درخواست تيار ڪرڻ جون هدايتون به ڪيون ويون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.