چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي سيڪيورٽي گارڊن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ 10 هزار ماهور پگهار تي ڊيوٽي ڪندڙ خانگي سيڪورٽي ڪمپني  جي ملازمن گذريل ٽن مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ جي آفيس ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي خانگي سيڪيورٽي گارڊن جميل احمد ملگاڻي، اعجاز جمالي، نعيم تنيو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته ڪجهه سال اڳ ڪراچي جي خانگي سيڪيورٽي ڪمپني فرنٽ لائين طرفان اسان کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي حادثن واري شعبي، سول اسپتال ۽ ٻين اسپتالن جي سيڪيورٽي لاءِ ڀرتي ڪيو جنهن کان پوءِ اسين مسلسل ڏينهن توڙي رات سردي ۽ گرمي ۾ اسپتالن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سنڀاليندا آهيون پر ان جي باوجود سيڪيورٽي ڪمپني جي لاڙڪاڻي وارن ٺيڪيدارن بشير جتوئي ۽ لطيف جتوئي وارن سمورن ملازمن جي ٽن مهينن جون پگهارون بند ڪري سندن گهر ڀاتين ۽ معصوم ٻچڙن کي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته قانون موجب ڪنهن به ملازم جي پگهار گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار هئڻ گهرجي پر افسوس جو 10 هزار ماهوار پگهار تي اسان کان 8 ڪلاڪ ڊيوٽي بجاءِ 12، 12 ڪلاڪ ڊيوٽي ورتي پئي وڃي، پگهارون نه ملڻ جي ڪري اسان وياج توڙي مٽ مائٽن ۽ دوستن کان قرض وٺي ٿڪجي چڪا آهيون پر خانگي سيڪيورٽي ڪمپني جي مالڪ ۽ ٺيڪيدارن کي ڪو به رحم نه پيو اچي ويتر احتجاج ڪرڻ تي چانڊڪا اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر عبدالستار شيخ دانهن ٻڌڻ بجاءِ اسان کي سيڪيورٽي ڪمپني مان نيڪال ڏيڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته پگهارون جاري ڪري فرنٽ لائين سيڪيورٽي ڪمپني سان معاهدو ختم ڪري اسان کي سڌي ريت سيڪيورٽي گارڊ مقرر ڪري روزگار فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.