لاڙڪاڻي ۾ اين آءِ سي وي ڊي جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ، ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ اين آءِ سي وي ڊي جي ملازمن ٻئي ڏينهن به مطالبن جي مڃتا لاءِ ايڪو ڊپارٽمينٽ سميت او پي ڊي جو بائيڪاٽ  ڪري مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ملازمن نجيب حسين ڀٽو، لياقت علي، ذيشان، انور علي عباسي، راجا واجد ۽ ٻين چيو ته چار سال اڳ صحت کاتي طرفان لاڙڪاڻي جي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ اسان سميت ٻين ڪيترن ئي ملازمن کي اسٽاف نرس، ٽيڪنيشن ۽ ٻين خالي پيل جاين تي 35 کان وڌيڪ ملازمن کي ڀرتي ڪيو ويو پر هن وقت تائين اسان کي ڊيلي ويجز جي ملازم طور پگهارون ڏئي ٻين مراعتن کان محروم رکيو ويو آهي. هنن چيو ته صحت کاتي جي ملازمن کي پروموشن، ڪورونا رسڪ الائونس، 50 سيڪڙو هيلٿ الائونس، هيلٿ انشورنس ڪارڊ ۽ ٻيون مراعتون نه ڏئي اسان جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، اسين چئن سالن کان مسلسل ايمانداري سان ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون پر ان جي باوجود اسان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. ملازمن پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير، صحت کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته سمورن ملازمن کي مستقل ڪري پروموشن، ڪورونا رسڪ الائونس، 50 سيڪڙو هيلٿ الائونس، هيلٿ انشورس ڪارڊ ۽ ٻيون مراعتون ڏئي ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.