ڪشمور پوليس نوجوان جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام

ڪشمور(ڊ ر)ڪشمور پوليس نوجوان شاهه محمد کوسي جي  قتل ۾ ملوث مک جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي، کوسا برادري جو  سردار عبدالرزاق کوسو ڳوٺ عبدالرئوف کوسو ۾ ھڪ ھفتو اڳ قتل ٿيل شاھ محمد کوسو جي وارثنِ وٽ پھچي تعزيت ڪئي.ان موقعي تي سردار عبدالرزاق کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس قاتلن جي گرفتاري ۾ دير ڪري رهي آهي، چاھيون ٿا مقتول شاهه محمد کوسو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ملي ۽ وارثن کي انصاف ملي. وارثن جو چوڻ هو ته پورھيت شاهه محمد کوسو جي قتل ۾ ملوث ھڪ جوابدار گرفتار ٿيو آهي مک جوابدار طفيل کوسو ۽ عبدالله کوسو کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي پوليس سکڻا دلاسا ڏيئي رھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.