شاگردياڻي قتل ڪيس ۾ ضمانت رد، جوابدار چاچو عدالت مان گرفتار

سرحد ( ن ع آ ) سرحد ۾ چار مهينا اڳ مبينه ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل شاگردياڻي آسيه لکڻ جو قاتل چاچو سکر مان گرفتار، قتل ۾  ستعمال ٿيل هٿيار به هٿ،چار مهينا اڳ سرحد جي اسٽيشن روڊ واري علائقي ۾ مبينه ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل 11 ڪلاس جي شاگردياڻي آسيه لکڻ کي قتل ڪندڙ چاچو مهراب لکڻ کي سکر جي عدالت مان ضمانت رد ٿيڻ بعد سرحد پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي پوليس موجب ته جوابدار وٽان شاگردياڻي آسيه لکڻ جي قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار به هٿ ڪيو ويو آھي، گرفتار ڪيل جوابدار مهراب لکڻ چار مهينا اڳ پنهنجي نوجوان ڀائٽي 11 ڪلاس جي شاگردياڻي آسيه لکڻ کي دشتي برادري جي نوجوان سان مبينه ڪارنهن جو الزام مڙهي قتل ڪيو هو، جنهن جو 3 ڏينهن اڳ سيد بشير شاهه جي اڳواڻي ۾ جرڳو ڪوٺائي دشتي ڌر مٿان ڪارنهن جي بهتان جو 26 لک روپيه ڏنڊ پڻ وڌو ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.