اعلان باوجود ڄامشوري جي صفائي ملازمن کي وڌيل پگهار نه ملي، ڌرڻو

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو ۾ بلديا جي صفائي عملي پاران پگهار ۾ واڌ نه ڪرڻ ۽ ڄامشورو ٽائون ايڊمنسٽريٽر جي ناجائزن خلاف ريلي ڪڍي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي  سخت نعريبازي ڪئي وئي،صفائي عملي جي احتجاجي ريلي جي اڳواڻي ديرج ڪمار, دنيش شاروڪ, پرڪاش, عرفان, اعجاز, راڻي, مولا ڪري رهيا جن پريس ڪلب اڳيان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڪيترن ۽ سالن کان بغير ڪنهن سهولت جي رات ڏينهن ڄامشورو ٽائون ۾ صفائي جو ڪم ڪري رهيا آهيون پر نه اسان کي نوڪري تي پڪو ڪيو ٿو وڃي ۽ نه ئي اسان کي سنڌ حڪومت جي اعلان موجب 25 هزار رپيا پگهار ڏني ٿي وڃي, هنن چيو ته اسان کان پگهار واري لسٽ تي 25 هزار رپيا لکي صحيح ورتي ٿي وڃي پر ڏنا صرف 17400 رپيا ڏنا ٿا وڃن جيڪا سراسر ناانصافي آهي, هنن چيو ته پگهار ۾ واڌ لاء احتجاج ڪيو ۽ ڄامشورو ٽائون ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ ڏانهن درخواست کڻي وياسين ته هن اسان جي پگهار ته نه وڌائي ويتر اسان کي نوڪري تان ڪڍڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن.هنن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت جي اعلان موجب اسان جي مهوار پگهار 25 هزار رپيا ڪئي وڃي ۽ اسان سان ناجائزيون ڪندڙ ٽائون ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ کي هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.