واپاري جا قاتل گرفتار نه ٿيا، ڌمڪيون، ٺارو شاهه ۾ وارثن جو احتجاج

ٺاروشاھ  ( ن ع آ ) 2 مهينا اڳ بيدردي سان قتل ٿيل درٻيلو واسي انبن جي واپاري منور علي سهاڳ جا مک جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ علي اصغر سهاڳ، عبدالغفار سهاڳ، غلام عباس سهاڳ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٻه مهينا اڳ بيگناهه قتل ڪيل منور علي سهاڳ جا ڪرائي جا مک قاتل عبدالرزاق ڪلهوڙو، شمس الدين سهاڳ، نادر علي سهاڳ، ميهر علي سهاڳ، مسمات ثناءُ کي گرفتار نه ڪرڻ پوليس جي ناڪامي آھي، هنن چيو ته ڪجھه جوابدار پنهنجا گهر ڇڏي ڪراچي فرار ٿي چڪا آھن ته ڪجھه قاتل سرڪاري نوڪرين ۾ هوندي سرعام پنهنجي آفيسن ۾ ڊيوٽيون ڪري رهيا آھن پر ان باوجود ٺاروشاهه پوليس قاتلن کي گرفتار نه پئي ڪري جيڪا سراسر ناانصافي آھي، جڏهن ته قاتل آزاد هجڻ ڪري اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن، مظاهرين سپريم ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ايسٽ، وڏو وزير،  آءِ جي سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قتل معاملي جو نوٽيس وٺي مک قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.