بلڙي شاھه ڪريم ۾ ڌار ڌار ڪارروائيون،7 جوابدار گرفتار

بلڙي شاه ڪريم( رپورٽ: احسان علي انصاري)ايس ايڇ او بلڙي شاه ڪريم اختخار خانزاده ڪاروائي ڪندي فحائشي اڏو ۽ منشيات هلائيندڙ منور رند ۽ ٻي ڪاروائي دوران مقصود رند ،ممتاز نارو کي گرفتار ڪري وٽان وڏي مقدار ۾ ڪچو شراب ۽ وهسڪي هٿ ڪرڻ جي بلڙي پوليس  دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته جوابدارن مٿان منشيات ايڪٽ تحت ايف آء آر درج ڪري جيل موڪليو ويو،جڏهن ته ٻي طرف ايس ايڇ او ملاڪاتيار منظور شورو ڪاروائي ڪندي جوابدار قاسم شينو ،مير حسن شورو ، حيدر سومرو ،کجو ڪولهي کي ڌار ڌار ڪاروائين دوران گرفتار ڪري وٽان وڏي مقدار ۾ ڪچو شراب هٿ ڪرڻ جي ملاڪاتيار حد جي پوليس  دعويٰ ڪئي آھي جڏهن ته ٻي ڪاروائي دوران جوابدار منشيات فروش دانش پالاري کي ڪرولا ڪار مان وڏي مقدار ۾ مين پڙي برآمد ٿيڻ تي گرفتار ڪري منشيات ايڪٽ تحت ايف آء آر درج ڪرڻ بعد جيل موڪلي ڇڏيو ، جڏهن ته بلڙي شاه ڪريم جي سماجي ورڪرن ساڃاه وندن بلڙي پوليس جي اهڙي ڪاروائين تي ساراه ڪئي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.