ٺارو شاهه ۾ بدامني، چوريون روز جو معمول، خلق پريشان

ٺاروشاھ  ( ن ع آ )  ٺاروشاهه شھر جيڪو امن جو شھر چيو ويندو هو اهو شھر هن وقت پوليس جي نااهلي ۽ رشوت خوري سبب ڏوهارين لاءِ جنت  گهر بڻيل آھي ٺاروشاهه ۾ روز ڪيتريون ئي وارڌاتون ٿين ٿيون  جڏهن ته ڦورو انساني جانين جا دشمن پڻ بڻيل آھن شهر ۾ وڌندڙ ڏوهن تي پوليس ايس ايڇ او ڪنٽرول ڪرڻ بجاءِ پنهنجي من مستين ۾ مصروف رهئي ٿو ۽ ٿاڻو شرابين جو اڏو بڻجي ويو آھي جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٺاروشاهه ڪنڊيارو لنڪ روڊ تان ڏينهن ڏٺي جو هٿيار بندن شاني خانزاده کان ڦر جي ڪوشش ڪئي جنهن تي هٿيار بندن سڌيون گوليون هڻي فوجي کي سخت زخمي ڪيو هو گزريل رات ساڳي لنڪ روڊتي نوجوان حامد پٽ اڪبر سولنگي کان موٽر سائيڪل ڦر جي ڪوشش ڪئي نوجوان جي مزاحمت تي کيس سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته ڦورو هن وقت انساني جانين سان کيڏي رهيا آھن ٺاروشاهه جو عوام غير محفوظ آھي شھر ۾ سماجي برايون به چوٽ تي آھن هتان جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڦوري طور تي شھر ۾ امن امان جي فضا قائم ڪئي وڃي ۽ ايس ايڇ او خلاف سخت قدم کنيا وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.