باڊهه ڀرسان روڊ نه هئڻ سبب بيمار نوجوان فوت، احتجاج

باڊھه (ن ع آ) باڊهه لڳ ڳوٺاڻا بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري چونڊيل نمائندن خلاف روڊن تي نڪري پيا. رستي جي سهولت نه هئڻ ڪري بيمار نوجوان اسپتال پهچڻ کان اڳ زندگي جي جنگ هارائي ويٺو.  ان سلسلي ۾ باڊهه لڳ ڳوٺ ننڍي وهڻي جي ڳوٺاڻن حافظ عبدالجبار جوڻيجو، ايوب جوڻيجو، عزيز جوڻيجو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آھي ته اسان جي ڳوٺ جو رستو انتهائي خراب آھي، جيڪو برساتن سبب ويتر خراب ٿي ويو آھي. هنن ٻڌايو ته گذريل رات ڳوٺ جي هڪ نوجوان نينگر جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي، جنهن کي اسپتال کڻائي وڃڻ لاءِ اسان باڊهه ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ موجود ٽئڪسي وارن کي فون ڪري گهرايوسين، پر رستي جي خرابي سبب ڪير به ڳوٺ تائين نه پهتو، مجبور ٿي نينگر کي گڏهه گاڏي تي کڻي اسپتال پهتاسين، جتي دير ٿي وڃڻ ۾ نينگر پنهنجي زندگي هارائي ويو ۽ فوت ٿي ويو. ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته علائقي جي ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، ايم پي اي حزب الله ٻگهيو ۽ يوسي جي چيئرمين ايڊووڪيٽ بشير احمد جوڻيجو اسان کي سبز خواب ڏيکاري اسان کان ووٽ ورتا، پر گذريل 15 سالن کان اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ به سر ترقياتي ڪم لاءِ نه لڳائي وئي آھي ۽ واعدن جي باوجود به اسان جي ڳوٺ جو رستو پڪو ڪري نه ٺهرايو ويو آھي ۽ اسين آھستي آھستي ڪري مري رهيا آھيون ۽ ڪا به سهولت نه هجڻ جي ڪري لاش پلئه پئجي رهيا آھن. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اسان کي افسوس ته پنهنجي ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو تي آھي جيڪو اسان جي ذات جو هوندي ۽ وڏي طاقت واري عهدي تي به هوندي اسان لاءِ ڪجهه نه پيو ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور ڳوٺ ننڍي وهڻي جي رستي کي پڪو ڪرائي ڏنو وڃي ۽ ڳوٺ ۾ صحت مرڪز قائم ڪيو وڃي ته جيئن انساني زندگيون بچي سگهن ۽ ڳوٺاڻا سُک جو ساهه کڻي سگهن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.