کوکراپارا لڳ گھر کي لڳل باهه ۾ فوت ٿيل نينگر مٽي ماءُ حوالي

کوکراپار(ن ع آ)ملير جي ميمڻ ڳوٺ لڳ ڊملوٽي روڊ تي ملاح برادري جي جڳهي کي اوچتو لڳل باھ ۾ سڙي فوت ٿي ويل معذور 3 ورهين جي گلشير ملاح جي تدفين رات دير سان مقامي قبرستان ۾ ڪئي وئي باهه  جي نتيجي ۾ الھ تلھ سڙي رک ٿيڻ کان پوءِ بيوه ماءُ ۽ ٻيا ٻار کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن هيستائين چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميا ڪا به سار نه لڌي آهي  فوتي ٻارڙي جي چاچي نور احمد ملاح صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پورهيو ڪري پيٽ پاليندا آهيون جهوپڙين کي لڳل باهه ۾ اسان جو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي خدارا وس وارا اسان جي مدد ڪن ٻئي طرف مسلم ليگ ن اڳواڻ محمد موسا ڄاموٽ واقعي واري هنڌ پهچي متاثر خاندان کان واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا ۽ سندن مالي سهائتا ڪئي

  • ڀٽ شاھه ۾ ٽائون آفيسرن ھدايت تي اسڪولن ۽ روڊن جي صفائي

ڀٽ شاھ ٽائون آفيسر محمد علي نندواڻي جي اڳواڻي ۾ ڀٽ شاھ ڪاليج يونيورسٽي ھاء اسڪول بوائز ڪاليج ۽ مين پرائمري اسڪول جي مين روڊ تي صفائي ڪرائي وئي جڏھن ته ڪيترن ئي سالن کان روڊ گڏھ ۽ مينھون ٻڌل ھونديو ھويون ۽ سمورو روڊ ڇيڙن ۽ ڀاڻ سان ڀريل رھندو ھو پر ٽائون آفيسر محمد علي نندواڻي جو بھترين قدم جنھن ان روڊ تان سموريون انڪروچمينٽ ھٽائي پاڻ بيھي اسٽاف ساڻ ڪري روڊ جي صفائي ڪرائي ان موقعي تي عومي آواز جي رپورٽر سان ڳالهائيندي ھن چيو ته لطيف سرڪار جي شھر ۾ ھڪ دفعو ٻيھر خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو آھي مان پنھنجي محنت سان سموري شھر جي صفائي جو نظام بھتر کان بھتر ڪندس ھن وڌيڪ چيو ته ٻگھيا محلي جو ھي روڊ جيڪو ايجوڪيشن سيڪٽر آھي ھتي يونيورسٽي ڪاليج پرائمري اسڪول ڊگري ڪاليج جو رستو آهي جتان شاگرد ۽ شاگردياڻين جو گذر ٿي ٿو ۽ انھن کي ڪافي مشڪلات ٿيندي ھئي انڪري اڄ ھن روڊ جي پاڻي وارن جي سھڪار سان صفائي ڪرائي رھيا آھيون

  • ڪارونجهر بچايو سنڌ بچايو قومي ڪچهري، سنڌ امڙ کي ڀيٽا

ڪوٽڙي (ت ر) ڪوٽڙي قومي عوامي تحريڪ ضلع ڄامشورو پاران ذاڪر بلوچ جي ميزباني هيٺ پوپٽ ڳوٺ ايم سي ٻولهاڙي ۾  "ڪارونجهر بچايو سنڌ بچايو قومي ڪچهري” ٿي گذري شبير ساند،  عبدالستار لهر ،مقصود جهتيال ، اياز علي ساند ، محمد عرس رند، علي احمد چانڊيو ، مشرف بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن  ڪچهري کي خطاب ڪندي چيو تہ ايم سي ٻولهاڙي جي عوام جا سمورا بنيادي حق هتي جي ڪرپٽ مافيائن ڦٻايا آهن اهو ئي سبب آهي جو هتي جا سڀ روڊ رستا ٽٽل آهن منشيات فروش بي تاج بادشاھ بڻيل آهن امن ۽ ترقي ناياب آهي هن وقت بہ برسات جو پاڻي روڊن تي بيٺل آهي پاڻي فروخت ٽينڪر مافيا جو عروج آهي تئين ئي سونهاري سنڌ کي مافيائون وڪوڙي، لتاڙي ۽ ڦٻائي رکيو آهي سڄي سنڌ ۾ سونهن جي علامت بڻيل ڪارونجهر جبل بہ ڪرپٽ مافيائن هٿان ڪورجي رهيو آهي تنهن ڪري قومي عوامي تحريڪ سڀني سنڌ واسين کي قومي ٻڌيء جو سڏ ڏئي ٿي اچو تہ سڀ سنڌ واسي متحد ٿي پنهنجا قومي حق ورائي وٺون قومي عوامي تحريڪ نا اهل ايم سي ٻولهاڙي جي ڪرپٽ انتظاميہ خلاف بہ جدوجهد جو الم هٿ ۾ کنيو آهي.  14 جنوري تي ايم سي ٻولهاڙي جي عوام کي پئن جي پاڻي سميت مڪمل ترقي جي زوال خلاف پوپٽ ڳوٺ ۾ ڀرپور احتجاج مظاهرو ڪيو ويندو جنهن لاء سڀني عوام دوست ڌرين کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.