آريجا لڳ فقير کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

خير محمد آريجا (ن ع آ)خير محمد آريجا لڳ ڳوٺ قلندرآباد جي رهواسي فقير غلام حيدر جوڳي کي رولو ڇتي ڪتي سڄي ٻانهن سميت  سڄي جسم ۾ چڪ هڻي ڏاڙهي زخمي ڪري رتوڇاڻ ڪري ڇڏيو زخمي فقير غلام حيدر جوڳي جي رڙين تي ڳوٺ جي رهواسين وڌيڪ ڏاڙهڻ کان بچائي ورتو جنهن بعد ڇتي ڪتي جي ڏاڙهيل زخمي کي وارثن اسپتال بند هجڻ ڪري پرائيويٽ ڪلينڪ تان ملم پٽي ڪرائي گهر روانا ٿي ويا واضع رهي ته رولو ڇتي ڪتي جي ڏاڙهيل زخمي کي اڄ ڏينهن تعلقه اسپتال باقراڻي ايٽ آريجا مان ڇتي ڪتي جي وئڪيسين ڪرائي ويندي ان موقعي تي خير محمد آريجا جي سياسي سماجي اڳواڻن فيض محمد ڏهر غلام نبي آريجو شفيع محمد بروهي ۽ ٻين ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آريجا ٽائون جي سمورن ڳوٺن ۾ رولو ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي والدين پاران پنهنجي اولاد کي اسڪول پاڻ ڇڏي اچن ٿا ۽ جيڪي ماڻهو صبح جو روڊن تي واڪ ڪندا هئا اهي هٿن ۾ لٺيون کڻي واڪ ڪن ٿا ۽ نماز پڙهڻ مسجد ويندڙ ماڻهون هٿن ۾ لٺيون کڻي مسجدن ڏانهن نماز پڙهڻ وڃن ٿا اسان ڪافي ڀيرا انتظاميا کي شڪايتون به ڪيون آهن پر هن وقت تائين اسان جي شڪايتن تي ڪوبه عمل نه ٿيو آهي مٿين سياسي سماجي اڳواڻن چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ سنڌ ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا اهڙي معامري جو فوري طور تي نوٽيس وٺي رولو ڇتن ڪتن کي مارائي ٽائون آريجا جي سمورن ڳوٺن جي رهواسين مان بيچيني دور ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.