ٿرڪول جي ڊمپرن وڌيڪ هڪ ٿرواسي کان حياتي کسي ورتي، هڪ زخمي، ڊرائيور گرفتار

اسلام ڪوٽ(ت،ر) اسلام ڪوٽ – ٿرڪول روڊ تي لاپرواھ ڊمپر ڊرائيور انساني جانين سان کيڏي رهيا آهن، گذريل ڏينهن اسلام ڪوٽ ڀرسان انتهائي خوفناڪ حادثو پيش آيو، مٺي اسلام ڪوٽ روڊ تي ميمڻ موڙ وٽ تيز رفتار  ٽرالر سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار 40 ورهين جو لڇمڻ ولد گورڌن ڀيل ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جيڪو ڳوٺ ٻانڀڙيون ڀيل جو رهواسي هو، جڏهن ته سندس وڏو ڀاءُ 45 ورهين جو چيتن ڀيل سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي اسلام ڪوٽ پوليس پهچي فوتي نوجوان جو لاش ۽ زخمي نوجوان کي کڻائي اسلام ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال آندو، جتان زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مٺي سول اسپتال نيو ويو، جڏهن ته فوتي نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو، چيو وڃي ٿو ٻئي ڀائر موٽر سائيڪل تي ڳوٺ کان مٺي وڃي رهيا هئا ته ميمڻ موڙ وٽ ٿرڪول ڏانهن ويندڙ تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل جي مٿان چڙهي ويو، جنهن سبب هڪ نوجوان لڇمڻ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو، هوڏانهن اسلام ڪوٽ پوليس ٽرالر ۽ ڊرائيور وسيم سولنگي کي حراست ۾ وٺي فريادي جئرام ڀيل جي فرياد تي مٿس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، ياد رهي ته هڪ مهيني دوران ڊمپرن ۽ ٽرالرن ٽڪر هڻي 5 حياتيون کسي ورتيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.