حيدرآباد ۾ گهريلو جهيڙو، پيرسن مارجي ويو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ پيرسن مارجي ويو. پڃاري ٿاڻي جي حد ۾ آرائين برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل جهيڙي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي پيرسن بابو آرائين ۽ لطف آرائين جي ڌر ۾ جهيڙو ٿيو جنهن دوران پيرسن کي سامهون واري ڌر جا ڳجها ڌڪ لڳا ۽ هو زخمي ٿي زمين تي ڪري پيو جنهن کي بيهوش سمجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. پوليس موجب پيرسن جي ڄمار 63 سال هئي. سندس لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب ٻنهي ڌرين ۾ معمولي گهريلو جهيڙو ٿيو هو جنهن دوران هي واقعو پيش آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.