مبارڪپور لڳ زميندار تي حملي جي اين سي داخل

مبارڪپور ( ن ع آ ) مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالحڪيم کوسو جو رهواسي زميندار عبدالعزيز کوسو کي سندس جي هارين لٺيون هڻي زخمي ڪري وڌو زخمي مبارڪپور ٿاڻي تي پهچي ٽن هارين مٿان اين سي داخل ڪرائي ڇڏي سندس جي بيان موجب هاري سارين جي ديري مان زبردستي ان کڻي وڃي  رهيا ها ته منع ڪرڻ تي مون کي لٺيون ھڻي زخمي ڪري وڌو اٿن. ٻي طرف هاري غلام حسين بروهي جو چوڻ ھو ته اسان جي مٿان زميندار جو قرض ھو جيڪو ڪجهھ ٽائيم  پئسا رکڻ لاءِ  چيو سين ته زميندار اسان مٿان پئسا  رکڻ بجاءِ اسان کي گار گند ڪيو جنھن سبب جهيڙو ٿي پيو. جڏھن ته مبارڪپور پوليس عبدالعزيز کوسو جي فرياد تي ٽن هارين مٿان حملي جي اين سي داخل ڪري زخمي وڏيري کي  ليٽر ڏئي ٺل اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ڪابه گرفتار عمل ۾ نه آئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.