درٻار سچو سترام داس رهڙڪي ويندڙن کي تحفظ ڏيو، هندو برادري

ميرپورماٿيلو ( ن ع آ ) ضلعي گھوٽڪي جي ھندو برادري جي ھڪ وفد ڊاڪٽر ميھر چند، مکي راج ڪمار، بيشم حال، چيتن داس، گوبند  رام، مکي جئه پرڪاش ،مکي درھم داس ۽ عيسائي ڪميونٽي جي اڳواڻ وڪٽر سطان ۽ ٻين ايس ايس پي گهوٽڪي اظھر مغل سان ايس ايس پي آفيس ميرپورماٿيلو ۾ ملاقات ڪري،سنڌ ۽ ھنڌ جي مشھور ھندن جي درٻار سچو سترام داس رھڙڪي صاحب بابت کيس آگاهه ڪندي چيو ته اسان ھندن جي پاڪستان ۾ تمام وڏي درٻار جيڪا ڏھرڪي رھڙڪي لنڪ روڊ تي ھجڻ ڪري امن امان جا مسئلا درپيش رھندا آھن جن کي منھن ڏيڻ ۽ زيارت لاءِ ويندڙ ھندو برادري کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پوليس پڪٽون قائم ڪيون وڃن ته جيئن ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي ن سگهي وفد ايس ايس پي گهوٽڪي کي ھندو برادري سان درپيش ٻين پڻ مسئلن کان آگاهي ڏني جنهن تي ايس ايس پي گهوٽڪي پاران اقليتي برادري جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي جلد حل ڪرائڻ جي کين خاطري ڪرائي ان موقعي تي اقليتي برادري جي وفد پاران اظھر مغل کي ايس ايس پي گهوٽڪي مقرر ٿيڻ تي سنڌ جي روايت موجب ٽوپي ۽ اجرڪون جا تحفا پڻ ڏنا جنهن تي ايس ايس پي گهوٽڪي سندن جو شڪريو ادا ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.