ڪوٽڏيجي ويجهو گهر مان 5 ڳئون چور ڪاهي فرار

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) ڪوٽڏيجي جي علائقي فقير آباد پوليس چوڪي انچارج وڌندڙ بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام  گذريل رات نامعلوم  چورن ڳوٺ وڏا ڀٽي ۾ ڳوٺاڻي گهنور لاشاري ۽ ولي محمد لاشاري جي گهرن ۾  6 کان وڌيڪ نامعلوم چور داخل ٿي ڪري ڀلوڙ نسل جون 5 ڳئون  ڪاهي فرار ٿي ويا گھر ڌڻين جي سڄاڳ ٿيڻ تي دانهون ڪيون وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا جن مال جي پيري تي چورن جو پيڇو ڪري 5 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي چورن کان ڍور ڇڏائي ورتا نامعلوم چورن چوپايو مال ڇڏي فرار ٿي ويا هوڏانهن ايس ايس پي خيرپور وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺندي فقير آباد چوڪي انچارج منور حسن لاکو کي سسپنڊ ڪري مختيار کوکو کي نئو چوڪي انچارج مقرر ڪري ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.