ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان پورهيت جي مبينا طور آپگهات

ٽنڊوغلام حيدر(رپورٽ:غلام مرتضي لغاري) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ موريو خان لغاري ۾ رات دير سان  ڪڪڙن جي فارم تي ڪم ڪندڙ 20 ورهين جي پورهيت نوجوان گلشاد ملاح جو فارم مان مبيناطور ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو،،ڳوٺاڻن جي اطلاع بعد حد جي متارو پوسٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش ٽنڊومحمد خان جي هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو،جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو،ٻئي طرف فوتي نوجوان جي والد لاکو ملاح ٻڌايو ته ٿوري ناراضگي تان جذبات ۾ اچي آپگهات ڪيو آهي،هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته وارثن موجب نوجوان پيءُ کان ناراض ٿي آپگهات ڪيو آهي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جتان وارث سندس ٽنڊوباگو شهر ڀرسان ڳوٺ سومار ملاح کڻائي ويا جڏهن ته واقعي جو ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.