ڏهرڪي ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف فيڪٽري گيٽ تي ڌرڻو

ڏهرڪي ( ت ر ) ڏهرڪي ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف آبادگارن پاران اينگرو ڀاڻ فيڪٽري جي گيٽ آڏو ڪيل احتجاج تي انتظاميه مڇرجي پئي آهي جنهن بعد اسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار ڏهرڪي آبادگارن کي روزانو جي بنياد تي ڀاڻ جي فراهمي پڻ بند ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد اسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار جي اهڙي عمل خلاف متاثره آبادگارن گذريل ڏينهن اسٽنٽ ڪمشنر آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميه خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي ان موقعي تي متاثره آبادگارن علي نواز ڪوڀر، اصغر ڀٽو، امير بخش ۽ ٻين چيو ته 4 ڏينهن اڳ ڏهرڪي ۾ ڀاڻ جي ڊيلرن پاران ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف آبادگارن اينگرو ڀاڻ فيڪٽري جي گيٽ آڏو پرامن احتجاج ڪيو هو جنهن بعد اسٽنٽ ڪمشنر ڏهرڪي رضوان نظير مظاهرين وٽ پهچي آبادگارن کي روزانو جي بنياد تي فراهم ٿيندڙ ڀاڻ جي ٻورين کان الڳ 10 هزار ڀاڻ جون ٻوريون  فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.  پر اسٽنٽ ڪمشنر رضوان نظير ۽ مختيارڪار اشرف پتافي آبادگارن کي ڀاڻ فراهم ڪرڻ بدران الٽو روزانو جي بنياد تي فراهم ٿيندڙ ڀاڻ جون پرچون بند ڪري آفيسن کي تالا لڳائي 4 چئن کان غائب ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري اسان روزانو سوين آبادگار ڀاڻ وٺڻ لاءِ آفيس ٻاهريان انتظار ڪري واپس وڃڻ تي مجبور آهيون هنن چيو ته وقت سر ڀاڻ نه ملڻ سبب اسان جو تيار ٿيل فصل پڻ تباه ٿي رهيو آهي هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي ڀاڻ جي فراهم ڪري کيس تباهه ٿيندڙ فصلن کي بچايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.