ڀرياسٽي لڳ بدامني، چوريون، ڦرون روز جو معمول، شهري راتيون جاڳڻ تي مجبور

ڀرياسٽي  ( ن ع آ ) گذريل ڏينهن ڀرياسٽي ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تان ڏينهن ڏٺي جو ڳوٺ حسين ڪلهوڙو واسي رٽائرڊ فوجي اهلڪار الله اوڀايو کان ٽن اڻڄاتل هٿيار بندن هٿيارن جي زور تي زبردستي موٽرسائيڪل موبائيل ۽ ڪيش رقم ڦر ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جڏهن ته گذريل رات ڪنڊيارو روڊ سان بيٽرين جي دڪاندار عاجز دوڪان جا اڻڄاتل چور تالا ٽوڙي بيٽريون سولر پليٽون چوري ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڀرياروڊ ٽيليفون ايڪسيچج محلا مان رات جو اڻڄاتل جوابدار ڪوچ ڊرائيور ظفر نيازي جي رهائش گاهه تان گهر جا تالا ٽوڙي گهر ۾ پيل 3 موبائيلون ۔50 هزار ڪيش 20 هزار جو موٽرسائيڪل جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا۔ ان سلسلي ۾ متاثر ظفرنيازي ٻڌايوته مان گهر کي تالو هڻي فوتگي تي ڪنڊيارو ويس ته اڻڄاتل چور گهر جو الهه تلهه ٻهاري کڻي ويا، اهڙي رپورٽ ڀرياروڊ ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرائي پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو جڏهن ته ڀرياسٽي ڀرپاسي ڏوهن ۾ اضافي سبب شهري توڙي ڳوٺاڻا جاڳي راتيون گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن شهرين ڳوٺاڻن ۽ شهرين ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته چوريون واپس ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.