وزيراعظم صبر ڪرڻ جون ٻانگون پيو ڏئي: قائم علي شاهه

خيرپور (ڊ ر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ جيلاني سان ملاقات دوران پيپلزپارٽي خيرپور جي سينئر ڪارڪنن سيد خادم حسين شاھ ۽ امام ڏنو ملاح سان ڳالهائيندي چيو ته ڪارڪن پارٽي جو سرمايو آهن انڪري ئي پارٽي مضبوط ۽ منظم آهي هن چيو ته جڏهن به ملڪ اندر جمهوريت  خلاف سازشون ٿيون ۽ نام نهاد حڪومتون آيون ته غريب ماڻهن جي حقن تي ڌاڙا لڳا ۽ غريب ان گھاڻي ۾ پيسبا رهيا پر پيپلزپارٽي جي قيادت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سرواڻي ۾ اڄ به گڏ بيٺل آهي هن چيو ته موجوده حالتن کي ڏسندي چيئرمين بلاول ڀٽو ملڪ گير لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪو ثابت ڪندو ته ملڪ جو عوام وفاقي حڪومت کان تنگ اچي چڪو آهي هن چيو ته مھنگائي بجلي ۽ گيس جي نه هجڻ جي ڪري ماڻهون پريشان آهن پر وزيراعظم صبر ڪرڻ جون ٻانگون پيو ڏئي پر هاڻي ائين نه هلندو غريب ماڻهن کي ننڌڻڪو نه ڇڏبو ۽ ساڻن گڏجي هن هٿٺوڪي وفاقي سرڪار کان جلد ڇوٽڪارو حاصل ڪبو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.