ڪوٽڙي جي ڪارخاني مان پورهيتن کي نيڪالي، متاثرن جو ڌرڻو

ڪوٽڙي ( رپورٽ: جبار ڪابورو) ڪوٽڙي ايس ٽي پي تعلقي پاران پورهيتن سان گڏ ٽاٽا پاڪستان ڪارخاني جي گيٽ اڳيان ڌرڻو پورهيتن سان ناانصافي نامنظور جا زوردار نعراتعلقي صدر امجد مستوئي گل حسن شاهاڻي جمن چانڊيو سليمان ميرالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پورهيتن سان گڏجي ٽاٽا پاڪستان مل جي گيٽ اڳيان  احتجاجي ڌرڻو هڻي زور دار نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ ڪوٽڙي سائيٽ جا ڪارخانا مقامي پورهيتن لاءِ عذاب بڻجي ويا آهن اڪثر ڪارخانن ۾ ڌاري آفيسر شاهي مامي پورهيتن جو قتل عام پئي ڪري تازو ئي ٻن پورهيتن آصف مگسي، عرفن لغاري کي بلا جواز بغير ڪنهن نوٽيس جي ڪڍيو ويو آهي جيڪي سالن کان پورهيو ڪندڙ هئا جنهن تي خاموش نہ ويهنداسين.  هنن چيو تہ جيڪڏهن نيڪالي ڏنل پورهيتن کي فوري طور بحال نہ ڪيو ويو ۽ مقامي پورهيتن سان ذيادتيون بند نہ ٿيون تہ سخت کان سخت احتجاج ڪنداسين ٻئي طرف مل انتظاميا مظاهرين سن ڳالهيون ڪري ٽن ڏينهن جي مهلت گهري ورتي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.