کوکراپارا ۾سوئي گئيس جو بحران،رھواسين جو دانھون

ملير(ن ع آ) کوکراپار جي يوسي غريب آباد جا اڪثر علائقن جي لوڊشيڊنگ جي آڙ ۾ گئس بند رھواسي شديد مشڪلات جو شڪار  انھي سلسلي ۾ کوکراپار سياسي سماجي اڳواڻن قومي عوامي تحريڪ ملير جي اڳواڻ عابد حسين عباسي سياسي سماجي اڳواڻ لطيف راولاڻي محمد بچل قمبراڻي صوبل عباسي ۽ ٻين ڪالھ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ملير جي قديم يوسي غريب آباد کوکراپار جا اڪثر علائقا بي يارو مدگار بڻيل آھن ۽ ھي يوسي گئس بجلي جي لوڊشيڊنگ سيوريج سميت اھم بنيادي مسئلن جو ڳڙھ بڻيل آھي ھتان جا ماڻهو تمام گھڻي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھن ھنن چيو ته کوکراپار چار نمبر کان اڳيان ڪنهن قسم جي ڪا گئس جي لوڊشيڊنگ ناھي پر اسان ي يوسي کي بي يارو مددگار سمجھي گئس لوڊشيڊنگ جي آڙ ۾ ھٿرادو وال بند ڪري گئس بند ڪ.ي وڃي ٿي۽ ڪجھ ٽائيم لاء اگر گئس ڏني وڃي ٿي ته ڄاڻي واڻي گئس پريشر گھٽ ڪري عوام کي عذاب ۾ مبتلا ڪيو وڃي ٿو ۽ ڳاٽي ٽوڙ بل موڪليا وڃن ٿا.  ھنن ھنن وڌيڪ  چيو ته قھر جھڙي مھنگائي ۾ ھڪ طرف ڪاٺيون اڻ لڀ آهن ته ٻئي طرف وري گھريلو سلينڊر غريب عوام جي پھچ کان ٻاھر آھن ھنن وس وارن کان مطالبوڪندي گھر ڪئي آھي ته کوکراپار جي يوسي غريب آباد جي مالڪي ڪري لوڊشيڊنگ جي آڙ ۾ بجلي ۽  گئس بند ڪرڻ جو سلسلو ختم ڪيو وڃي ۽ ھتي جي غريب ماڻھن کي رليف فراھم ڪيو وڃي ـ

  • ھالا ۾ ٽائون ڪاميٽي جي صفائي عملي پاران احتجاج

هالا(ن ع آ) پراڻا ٽائون ڪميٽي جي صفائي عملي پاران مطالبن جي مڃتا جي لاءِ هالا پريس ڪلب هالا اڳيان احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ شريڪ پاڪستان مسلم ليگ ن مٽياري جي صدر منصور نواز ڀيون، سريش ڪمار، شان، وجي ۽ بابو جي اڳواڻي ۾ ٽائون آفيسر جي خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ٽائون ڪميٽي هالا پراڻا جي ماهوار ويهه لک رپيا بجيٽ هجڻ جي باوجود صفائي عملي کي پوريون پگهارون به نٿيون ڏنيون وڃن، ٽائون آفيسر ۽ ٽائون ڪميٽي جو عملو ملي ڀڳت ڪري سموري بجيٽ هڙپ ڪري رهيا آهن،  جڏهن ته ٽائون ڪميٽي ۾ رشوت جي بازار پڻ گرم ڪري ڇڏي آهي ڪوبه ڪم رشوت جي بنا نه ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته اسان پنهنجي مطالبن لاءِ آواز بلند ڪيو آهي ته ٽائون آفيسر اسان کي نوڪري مان ڪڍڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هنن چيو ته سنڌ حڪومت پاران پورهيتن جو گهٽ ۾ گهٽ اجورو پنجويهه هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي مگر اسان کي چوڏهن هزار ماهوار به رلائي رلائي ڏنا وڃن ٿا، هنن اعلى اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته سندن پگهار پنجويهه هزار رپيا ڪري کين پڪو ڪيو وڃي، ٻئي طرف صفائي عملي جي احتجاج سبب هالا پراڻا شهر گندگي ۽ نالين جي گندي پاڻي جي ور چڙهي  ويو آهي جنهن سبب شهرين کي سخت تڪليفون پيش اچي رهيون آهن،

  • کوکراپارا لڳ سياري جي حوالي سان اسڪولن جو گڏيل ونٽر گالا پروگرام

کوکراپار(رپورٽ عنايت قمبراڻي) ملير ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ جي بنيادن تي دمبا ڳوٺ ، ڀينس ڪالوني ۽ يوسف ڳوٺ جي  اسڪولن کي مثالي طور هلائيندر سماجي تنظيم هينڊس طرفان ميمڻ ڳوٺ جي محمدي فٽبال گرائونڊ ۾ سياري جي منڌ جي حوالي سان ونٽر گالا پروگرام ڪيو ويو.   جنهن ۾ ڄاڻايل اسڪولن جي استادن ، شاگردن ، والدين کان علاوه چونڊيل نمائندن توڙي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ علائقي معززن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي  پروگرام جو افتتاح پ پ ملير جي صدر سلمان عبداللھ مراد ڪيو ان موقعي تي ايم پي اي راجا رزاق ، ضلع ڪائونسل ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر نور حسن جوکيو  هينڊس جي اڳواڻن خليل واڍيلو ، علي بخش خاصخيلي ، فاروق خاصخيلي ڪرن جي اسلم ميمڻ ، يامين خاصخيلي ، ايس ڊي او جي رمضان ميمڻ ، سليم جي ميمڻ ،سابق سوشل ويلفيئر آفيسر غلام رسول بلوچ عزيز پالاري پ پ جي مقامي اڳواڻ ابوبڪر ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي مهمانن شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان سائنسي توڙي ماحولياتي لڳايل اسٽال گھمي ڏٺا ونٽر گالا پروگرام جي تقريب ۾ ڳالهائيندي هينڊس جي اڳواڻ خليل واڍيلو تعليم جي مسئلن تي بريفنگ ڏني جڏهن ته سلمان عبداللھ مراد چيو ته ملير ۾ ٻارڙن جي صلاحيتن کي اڀارڻ لاءِ مختلف پروگرامن ذريعي موقع فراهم ڪرڻ گهرجن ان سلسلي ۾ پ پ ٻارڙن ، سرڪاري توڙي نجي اسڪولن کي ممڪن حد تائين سهولتون فراهم ڪنداسين ايم پي اي راجا رزاق چيو ته سنڌ حڪومت هينڊس کي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ تحت پهريان اسپتالون ۽ هاڻ اسڪول پڻ حوالي ڪيا آهن جن جي گذريل ٻن سالن کان ڪارگردگي واکاڻ جوڳي آهي اميد آهي ته ان قسم جون سرگرميون ڪري ٻارن جي صلاحيت ۽ تعليمي معيار کي بلند ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.