حيدرآباد ۾ نوجوان ٽيون ڀيرو کنڀجي ويو، پوليس اڻڄاڻ، وارثن جو احتجاج

حيدرآباد/ٽنڊوالهيار/ٽنڊو آدم (نمائندا) حيدرآباد ۾ گذريل رات دير سان هڪ نوجوان کي گهران کنڀي گم ڪيو ويو آهي، قاسم آباد جي شيدي ڳوٺ واري علائقي ۾ رهندڙ نوجوان مهراڻي ميراڻي کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، وارثن چواڻي کيس ٽيون ڀيرو کنڀي گم ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ گم ڪيل نوجوان جي وارثن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون سندس بازيابيءَ جي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي گم ڪيل نوجوان مهراڻ ميراڻي جي ڀائرن شاهجان ميراڻي، نور احمد ميراڻي، مختيار ميراڻي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته گذريل رات دير سان اهلڪارن پاران گهر مٿان چڙهائي ڪري مهراڻ ميراڻي کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جي هن محل تائين ڪابه خبر نه پئجي سگهي آهي، ڪنهن به ٿاڻي تي گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته مهراڻ ميراڻي کي ٻه ڀيرا اڳ به کنڀي گم ڪيو ويو، مهراڻ مٿان ڪو به ڏوهه ثابت نه ٿيو، کيس هڪ ڀيرو ٻيهر کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته نسيم نگر پوليس پوسٽ تي رپورٽ به ڪئي آهي، پر پوليس به ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي، مهراڻ جو ڪو به ڏوهه ناهي هو صرف کنڀي گم ڪيل ڪاڪنن جي آزادي لاءِ احتجاجن ۾ شريڪ ٿيندو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته مهراڻ ميراڻي کي آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن هو ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هوڏانهن قومي ڪارڪنن کي بلا جواز کنڀي گم ڪرڻ خلاف سنڌ سڀا جي ڪارڪنن پاران ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينرز هئا جن تي قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جا نعره لکيل هئا هن موقعي تي سنڌي انعام ، فقير مير حسن ڪانڌرو ۔ اياز جمالي ، نديم زنگيجو ، سالار ، باغي ڪالرو ۽ ٻين چيو ته بلاجواز قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ اهو عمل صحيح نه آهي انهن جا وارث تمام گهڻا پريشان آهن هنن چيو ته 135 ڪارڪنن گم آهن ٻئي پاسي  سنڌ سڀا جو نڪتل قافلو ٽنڊوآدم پھتو ،  پريس ڪلب آڏو اڳواڻن انعام عباسي ، اياز لطيف پنھور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اگواڻن  ڳالھائيندي چيو ته 122 کان وڌيڪ قومي ڪارڪنن کي کنڀي  گم ڪيو ويو آهي ھنن چيو ته صدام شر ، اياز لطيف شر ۽ سرويچ  لاڳيتو غائب آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.