ايڊووڪيٽ عاصما ابڙو جي باڊهه واري گهر کي ڌاڙو، ڀيڻ جو ڏاج ڦر

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) باڊهه شهر ڀرسان ڳوٺ گابر مسڻ ۾سياسي سماجي شخصيت ايڊووڪيٽ عاصمه ابڙو جي گهر ڌاڙو هنيو ويو گهر ۾ پيل سندس ننڍي ڀيڻ جو ڏاج جو سامان، سونا زيور، روڪ رقم ڦري ويا، پوليس چورن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي، واقعي جي باڊهه جي سياسي سماجي ڌرين سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان گهر ڪئي ته واقعي جي جوابدارن کي فور طور تي گرفتار ڪيو وڃي. عوامي آواز جي رابطو ڪرڻ تي عاصما ابڙو ٻڌايو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي، اختياريون نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.