قاسم آباد ۾ دڪان کي کاٽ، جوابدار شٽر ٽوڙي سامان کڻي ويا

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد واري علائقي ۾ نامعلوم چور دڪان جا شٽر ٽوڙي هزارين رپين جي ماليت جو سامان کڻي فرار ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته سحرش نگر جي علائقي ۾ چور ڪاشف نالي همراهه جي دڪان جا شٽر ٽوڙي 17 هزار رپيا روڪ رقم، سگريٽ، شيمپو، سوپاريون ۽ ٻيو سامان کڻي ويا. اهڙو اطلاع قاسم آباد پوليس کي ڏنو ويو آهي. ٽنڊو ولي محمد جي علائقي ۾ نامعلوم چور بابر جي 125 موٽرسائيڪل ڪاهي ويا. اها موٽرسائيڪل وڏي علم واري گهٽي ۾ گهر ٻاهران بيٺل هئي جيڪا چور ڪاهي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.