مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ڏيپلو ۾ به گگرال کي ٽڪي تباهي، وڻ ناياب ٿي ويو

مٺي: مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ڏيپلو جي علائقن ۾ گگرال جي وڻ کي ٽُڪي کونئر ڪڍي ختم ڪرڻ جو سلسلو تيزي سان جاري آهي، ٽنهي تعلقن جي رڻ ڪنڌيءَ وارن ڳوٺن ۾ گگرال جي تباهي ڪئي پئي وڃي.

  • ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ مبينا مقابلو، مغوي ماءُ ۽ پٽ بازياب

ڪنڌڪوٽ(ڊ ر) ڪنڌڪوٽ  جي علائقي رسالدار ٿاڻي جي حد ۾ هڪ هفتو اڳ نوجوان عبدالنبي کوسو کي قتل ڪرڻ بعد سندس اغوا ٿيل گهر واري ۽ 5 مهينن جي پٽ کي پوليس گبلو جي ڪچي واري علائقي مان مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڪنڌڪوٽ پوليس چيو آهي ته هڪ هتو اڳ 27 ميل وٽ هٿياربند عبدالنبي کوسو کي قتل ڪرڻ بعد ر سندس گهر واري ۽ پٽ کي اغوا ڪري ويا هئا، مغوي ماءَ ۽ ٻار  جي موجودگي جو اطلاع ملڻ تي پوليس گبلو جي ڪچي واري علائقي بلاڪ 6 وٽ ڪارروائي دوران ڏوهارين سان مقابلو ڪيو، مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ بعد  ناري ولايتان عرف فاطمه ۽ سندس 5 مهينن جي پٽ غلام علي کوسو کي بازياب ڪرائي ورتو. ٻئي طرف  پوليس اڃا تائين ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي.

  • بٺوري ۾ ٽرڪ مان ٻوريون واٽهڙن مٿان ڪري پيون

ميرپور بٺورو. (ن ع آ) ميرپوربٺورو جي مين بس اسٽاپ تي روڊ ۾ کڏا هجڻ سبب سارين ڀريل ٽرڪ مان ٻوريون واٽهڙن مٿان  ڪري پيون،  نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان علي شير ۽ سندس سس سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.