حصي پتي سان ڪارونجهر تي ”گگرال“ کي ڪيميڪل سان ٽڪڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي بند ٿيڻ بعد ڪارونجهر جي سونهن خطري ۾ پئجي وئي آهي، ڪارونجهر جبل اندر  ۽ آسپاس ۾ موجود انتهائي قيمتي”گگرال“جو وڻ ٻيهر ڏاڍن مڙسن بااثر ٺيڪيدارن جي نشاني تي اچي ويو آهي، جنهن سبب مختلف بااثر ڌُريون ٻيلي کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ۽ رشوت عيوض گگرال کي خطرناڪ ڪيميڪل ذريعي ٽُڪي منجهان کونئر ڪڍيو پيو وڃي،گگرال وڻ کي ٽُڪي کونئر ڪڍي وڪرو ڪرڻ جو عمل 1997ع کان جيئن شروع ٿيو آهي اُنهي وقت کان اِهو ڪم جيئن جو تيئن جاري آهي، مختلف وقتن تي ميڊيا تي خبرون لڳڻ بعد انتظاميا قلم 144 لاڳو ڪري جان آجي ڪرايو وڃي ۽ وري به ٻيلي کاتي جي ملي ڀڳت عيوض اُهو غيرقانوني ڪم شروع ٿيو وڃي،گگرال جو وڻ جيڪو جبل ۽ علائقي جي خوبصورتي جي علامت بڻيل آهي، جنهن کي ٽُڪي ختم ڪرڻ سان گگرال جو وڻ ڏينهون ڏينهن ختم ٿيندو پيو وڃي، جنهن سبب اِنهي وڻ جو نالو نشان ئي مٽجي رهيو آهي،گگرال جي وڻ کي ڪئميڪل ذريعي ٽُڪي منجهان کونئر ڪڍي جنهن کي اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، ملتان، سکر ۽ بلوچستان سميت ٻين علائقن ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو،گگرال جو في مڻ 60 هزار ۾ وڪرو ٿئي ٿو، جنهن سبب بااثر ٺيڪيدار سال اندر ڪروڙ پتي بڻجيو وڃن ٿا ۽ ٻيلي کاتي جي ڪامورن جون ڏھ ئي آڱريون گيھه ۾ ٻُڏل آهن،گگرال کي ٽُڪڻ جي باوجود گگرال جي سپلاءِ کي روڪڻ لاءِ پوليس به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، مليل رپورٽن موجب ته سڀني کي حصو پتي ڏنو ٿو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.