راڻيپور ۾ ڳوٺاڻن جو زمين تي قبضي خلاف ڌرڻو

راڻي پور(رپورٽ عامر مهيسر) سوڀوديرو جي ڳوٺ کوکر جي رھواسين کوکر برادري جي ماڻهن جو مبينا زمين جي قبضي خلاف سٽي پريس ڪلب راڻيپور اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي مظاھرين اختيار حسين کوکر، جاويد کوکر، جان محمد کوکر، عبدالغفار کوکر، محمد ملوڪ کوکر، محمد رمضان کوکر، مجاھد کوکر ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته سال 2002 ۾ اسان جي زمين سروي نمبر 513 تي برادري جي ماڻهن محمد نواز کوکر، اياز کوکر، محمد فريد کوکر ۽ ٻين زبردستي زمين جا ڪوڙا کاتا ٺهرائي قبضو ڪيو آھي. ھنن وڌيڪ الزام ھڻندي چيو ته قبضي ھيٺ آيل زمين جو 2 دفعا فيصلو ٿي چڪو آھي اتي به زمين اسان جي نالي تي ٿي آھي. ھيءُ بااثر آھن اسان مسڪين ماڻهو آھيون. جڏھن ته گذريل مهيني اسان مٿان سوڀوديرو ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي ۽ پوليس  بااثرن سان ٻٽ بڻيل آھي. پوليس اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن ته زمين جو ڪيس سول ٿيل آھي ۽ ھلندڙ به آھي. اسانجي وس وارن ادارن ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ، آء جي سنڌ، ڊي آء سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ کي اپيل آھي ته واقعي جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي اسان مسڪينن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرائي زمين تان قبضو ختم ڪرائي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.