سنڌ جو راجا

تحرير ; سعدالله سهتو

سنڌ جي سرزمين قدرت جي طرفان عطا ڪيل تعفن مان هڪ انمول تعفو آهي جتي رهندڙ ماڻهن کي پاڻ کان وڌ ٻين لاءِ جيئڻ جو جنون رهي ٿو ۽ پنهنجي سموري ڄمار غريب مسڪين مجبور بي پهچ ۽ سادڙن ماڻهن لاءِ وقف ڪري ڇڏين ٿا۔ هزارين تنقيدون تعنا، مهڻا، ميارون ۽ مارون به بنا ڪنهن لالچ لوڀ جي مظلوم مخلوق خدا خاطر سٺيو وڃن ٿا يقينن ڪنهن شاعر انهن ئي عظيم انسانن لاءِ چيو آهي ته ڪو ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو۔۔۔۔۔!!!

3 جنوري 1953 عيسوي ڌاري راڻيپور ۽ هنگورجا وچ ۾ نيشنل هاءِ وي تي موجود ننڍڙي اسٽاپ شاھ جي مشين کان اوڀارئين طرف اٽڪل 5 ڪلو ميٽري پري هڪ قديمي ڳوٺ ڀيلار وڏا ۾ سائين مصري خان ڀيلار جي گهر ۾ جنم وٺندڙ معصوم ٻالڪ جنهن کي راجا جي نانءُ سان پڪاريو ويو ۽ ڪنهن ڄاتو ته هي ننڍڙو وڏو ٿي واقعي ئي ڪو سنڌ جو راجا ٿي ويندو۔۔۔۔!!!!

ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد ميٽرڪ ۽ انٽر سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور ميرس ۽ بي ايس سي شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان پرائڻ بعد مادر علم سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان اسٽيٽڪس ۾ ايم ايس سي ڪرڻ کان پوءِ هي ڳڀرو جوان ستر واري ڏهاڪي ۾ تعليم کاتي ۾ بطور ايڇ ايس ٽي استاد مقرر ٿيو۔۔۔۔

سائين جن جي سروس جا ڪجھه سال گڏيجي هاءِ اسڪول ۾ گذريا ۽ باقي تمام سروس سيٺارجا هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ بطور رياضي جو بهترين استاد طور گذري۔ نوجوانن جي بهترين مستقبل لاءِ سندن جو پاڻ پتوڙڻ ان ڳالهھ جو عملي ثبوت آهي ته سائين جن موڪل جي گهنٽي وڃڻ باوجود به پنهنجو ڪم اڌ ۾ ڇڏڻ جو تصور به نه ڪندو هئو ۽ اهو ڪم پورو ڪرڻ کانپوءِ ئي موڪل ڪندا هئا ڀلي جو سڄي اسڪول جا شاگرد ٻاهر ڇونه نڪري وڃن۔۔

اهو سائين جن جي اڻٿڪ ڪاوشن جو نتيجو آهي جو اڄ مختلف سرڪاري ادارن ۾ وڏن وڏن عهدن تي فائز سندن شاگردن جو اڪثريت سان هجڻ ٻڌائي پيو ته ڪو شخص هو جنهن جي ڪوششن سان اونداهي زندگي ۾ روشني آڻي ڇڏي۔۔۔

هائر سيڪنڊري اسڪول سيٺارجا جو اسٽاف نه فقط پر سيٺارجه شهر ۽ ان جي پسگردائي سان تعلق رکندڙ تمام نوجوان، بزرگ، اديون، ڀينر ۽ مائر هن انسانيت جي علمبردار شخص سان اڄ به بيحد محبت ڪنديون آهن جنهن ۾ سائين جن جي سادگي اعليٰ ڪردار ۽ نياز نوڙٿ شامل آهي.

مونکي لکندي لکندي هائر سيڪنڊري اسڪول جو پٽيوالو شهيد شيخ به ياد اچي ٿو جنهن جو پيدائشي نالو ته امير هو پر سائين راجا خان ڀيلار کين هڪ ڀيرو شهيد چيو هو جنهن کان پوءِ  سيٺارجا ۽ گهر واسين کان ته ڇا پر امير کان به امير وسري شهيد ياد ٿي ويو۔۔۔۔۔ اسڪول مان پڙهي ويل لاتعداد شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان سائين ڏانهن تعفن جو سلسلو روزانو جي بنياد تي جاري رهندو هو ۽ سائين جن اڪثر شيون مونکي سنڀال لاءِ ڏيندا هئا جيڪي مان کين موڪل ٿيندي ڏئي ڇڏيندو هيس۔۔۔۔

سائين جن استاد هجڻ سان گڏ قومپرست لڏي سان پڻ سلهاڙيل رهيا اهوئي سبب آهي جو سائين جن جي ڳوٺ ڀيلار وڏا کي ٻيو سن پڻ چيو ويندو آهي۔ جتي سائين جن جي غريب خاني تي شهيد بشير خان قريشي، سائين عبدالواحد آريسر، سائين جلال محمود شاھ، زين شاھ، ممتاز حسين ڀٽو، نياز ڪالاڻي، گل محمد خان جکراڻي سميت ڪيترا ئي وڏا نانءُ اڪثر ايندا رهندا هئا۔۔۔۔!!!!سائين راجا خان ڀيلار جو تعليم سان لڳاءُ ڏسي بشير خان قريشي پنهنجي وڏي پٽ ۽ موجوده جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي کي به سائين کي تعليم ۽ تربيت لاءِ سونپيو جتي صنعان خان ابتدائي تعليم پرائي۔۔ 

 

استاد سائين کي رب پاڪ طرفان اولاد ۾ ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻيون عطا ٿيون سائين جو وڏو فرزند غلام مرتضي جيڪو پيشي جي لحاظ سان ڊاڪٽر آهي جنهن کي سائين جن پيار مان هوش محمد پڻ چوندا هئا ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته بقول امڙ جي ته سائين راجا جن سان گهاريل حياتي يعني شادي کان زندگي جي پڄاڻي تائين شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن هجي جو اسڪول کان  راجا  واپس سڌا گهر آيا هجن نه ته اتان ئي ڪنهن نه ماڻهو سان ڪم ڪار سانگي هليا ويندا هئا رات جو گهر ورندا هئا۔۔۔

استاد راجا خان ڀيلار جو منشور قوم پرستي ۽ انسان پرستي هو جنهن جا مثال اڄ به ساڻس گڏ زندگي گذاريندڙ سندس دوست ۽ هم عمر بيان ڪندي اشڪبار ٿي پون ٿا۔۔۔۔۔

هن عظيم انسان کي رب پاڪ ڄڻ ٻين لاءِ جيون ارپيو هو سائين مختلف هنڌن تي بي پهچ ٻارن کي پنهنجي سڄي ڄمار بنا ڪنهن معاوضي جي ٽيوشن پڙهائي دنيا آڏو آندو، جن ۾ سوين شاگرد ڊاڪٽر، انجنيئر، جج ۽ وڪيل هجڻ سان گڏوگڏ واپڊا، اسڪارپ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان واڳيل آهن. جيڪي قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن جن ۾ سائين اسد علي ڀيلار، گدا حسين سهتو، عابد سهتو، فقير نياز چنو، خالد صديقي، ضمير شاهاڻي،عاشق حسين حاجي ۽ همت علي سولنگي سميت لاتعداد شاگرد شامل آهن.

سائين جن جي رٽائرمينٽ جي تقريب سال 2011 ۾ سيٺارجا هائر سيڪنڊري ۾ ٿي هئي ۽ مونکي ياد اچي ٿو سروس دوران سڄي اسڪول ۾ واحد استاد راجا خان ڀيلار ھو جيڪو پنهنجي پيرڊ يا ڪنهن خالي ڪلاس ۾ ويندو هو ته شاگرد خوشي ۾ نه ماپندا هئا ۽ سائين کي عرض ڪندا هئا ته سائين اسان وٽ ٻيو به پيرڊ وٺو ۽ اتفاقن ڪڏهن لڳاتار ٻه پيرڊ به لڳي ويندا هئا ته سائين شاگردن کان پڇندو هو ۽ سندن چوڻ تي عمل به ڪندو هو ۽ جڏهن شاگرد چوندا ته سائين پڙهي ٿڪجي پيا آهيون ۽ هاڻي گانو ٻڌرايو جنهن تي سائين سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳي سڄڻ سنڌي کي فون ڪري چوندو هو يار سڄڻ ڪلاس ۾ شاگردن کي گانو ٻڌاءِ ۽ پوءِ ڪلاس ۾ گانو ٻڌندا هئاسين۔ سڀ استاد شاگرد ۽ اسڪول جو تمام عملو ۽ اسڪول جون فضائون به راجا جي رٽائرمينٽ تي ڏکياريون هيون ته سڀاڻي کان هڪ شفيق محبتي ۽ تعليمي ماهر انسان جنهن کي پنهنجي ذات ۾ انجمن چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو،  جيڪو جدائي ٿي رهي آهي لڙڪن سڏڪن سان هزارين يادون ۽ لازوال ماضي اسان کي ڏئي ۽ ساڻ ڪري سيٺارجا مان سروس کي خيرباد ڪندڙ هن سنڌ پرست جهوني شينهن باقي زندگي به ساڳي ئي طريقيڪار سان گزاري صبح جو ڳوٺ کان نڪري سڄو ڏينهن مظلوم مسڪين ۽ غريب نوجوانن جي آئيندي جو اونو بهتر مستقبل جا خواب سيني ۾ سانڍي سندن لاءِ جاکوڙيندو رهيو۔ سائين جن اهڙي ته دل ۾ جاءِ ڏني جو سائين جلال محمود شاھ زين شاھ ۽ ٻين قومپرستن سان ملاقات دوران منهنجو تعارف هن جملي سان ڪرائيندو هو سائين ”سعدالله سهتو منهنجو پٽ“۔۔ 

تقريبن رات جو فون ڪري سيٺارجا ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن جي خيريت پڇندڙ هن محسن سنڌ سان آخري ڀيرو ڳالھه ٻولھه 7جنوري  2014تي ٿي هئي ۽ ان ڪال ان لاءِ حيرت ۾ وڌو جو سائين صرف منهنجي نوڪري لاءِ فڪرمند هو ۽ ائين ٿي لڳو جي سائين ڪنهن وڏي جلدي ۾ هجي ۽ پوءِ ٺيڪ 4 ڏينهن کان پوءِ شام جو سج لهڻ جو منظر ڏسڻ دوران ڪنهن دوست جي ڪال آئي ته نيوز چينلن تي نيوز پئي هلي ته سن واري سيد جو ارڏو عاشق دار فاني مان رخصت ٿي ويو۔۔۔۔

اها خبر ٻڌندي ئي من جي ميدان تي شام غريبان برپا ٿي وئي ۽ پوءِ هزارين آلين اکين سڏڪن لڙڪن ۽ آهُن سان ڌرتي جي دنگن ۽ انگن جي هن پرچاري کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ مدفن ڪري سنڌ هميشه لاءِ سوڳوار ٿي وئي۔۔۔۔

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.