ماسٽر چندر جي گھر کي قومي ورثو قرار ڏئي محفوظ ڪيو وڃي…!

تحرير ؛ همسفر گاڏهي جي پوسٽ

سينيئر صحافي ۽ ليکڪ سائين نصير اعجاز ھي تاريخي تصوير شيئر ڪئي آهي جيڪا ننڍي کنڊ جي وڏي فنڪار ماسٽر چندر جي گھر جي آھي. اھو تاريخي گھر اڄ به اصل حالت ۾ موجود آهي،جيڪو ٺارو شاھ ۾ خانزاده ڪٽنب جي ماڻھن وٽ آهي.ممڪن آھي اڳتي ھلي اھو تاريخي ورثو ڪنھن لالچ ۽ حرص جي ور چڙهي سگهي ٿو.اسان جي قومي ۽ ثقافتي ادارن خاص طور انڊومينٽ فنڊ وٽ قومي ورثي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اربين رپين جا فنڊ موجود آھن،اھي جيڪڏهن ھمت ڪن ته ھي قومي ورثو محفوظ ٿي سگهي ٿو.انڊومينٽ فنڊ سنڌ جي روح روان حميد آخوند کي ان سلسلي ۾ ترت عملي طور متحرڪ ٿي ماسٽر چندر جي تاريخي گھر کي قومي ورثو قرار ڏئي محفوظ ڪرڻ گھرجي.اچو ته ان سلسلي ۾ ڀرپور گڏيل سگھارو آواز اٿاريون.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.