12 جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

تحرير : فقير محمد سنڌي

¨ 12 جنوري 1714ع تي ڪلھوڙا دور جي جنرل عطر خان جو لاڏاڻو ٿيو.

¨ 12 جنوري 1798ع تي ديني عالم حضرت ميان حامد الله عرف ميان حامد حضوري روشن علي تونيو جي گهر ۾ جنم ورتو.

¨ 12 جنوري 1945ع تي البانيه جمھوري ملڪ جي حيثيت حاصل ڪئي.

¨ 12 جنوري 1948ع تي ميجر عزيز ڀٽي شھيد پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول سان منسلڪ ٿيو.

¨ 12 جنوري 1952ع تي پاڪستان انڊسٽريل ڊپلوميٽ ڪارپوريشن جو قيام عمل ۾ آيو.

¨ 12 جنوري 1954ع تي سنڌ جي مشھور سياستدان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جسٽس ظفر حسين مرزا جي گهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو.

¨ 12 جنوري 1955ع تي شاعر غلام نبي ناشاد جو جنم ڏينھن آهي.

¨ 12 جنوري 1955ع تي شاعر ۽ ڊرامه آرٽسٽ مير صوبدار سعيد، اصل نالو مير صوبدار حسين ٽالپر، مير حسين بخش عرف مير شمن ٽالپر جي گهر ڪوٽ مير محمد تعلقي ڪنگري ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.

¨ 12 جنوري 1959ع تي پنجابي ٻوليءَ جي مشھور شاعر استاد ڪرم الدين جو وڇوڙو ٿيو.

¨ 12 جنوري 1983ع تي روس جي اڳوڻي صدر نڪولائي پوڊ گورني جو وڇوڙو ٿيو.

¨ 12 جنوري 1994ع تي نالي واري شاعر انور هالائي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.

¨ 12 جنوري 2005ع تي بالي ووڊ اداڪار امريش پوري جو لاڏاڻو ٿيو.

¨ 12 جنوري 2007ع تي نامياري چترڪار ظفر ڪاظمي جو وڇوڙو ٿيو. سندس آخري آرامگاهه سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ آهي.

¨

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.