قومي اسيمبليءَ ۾ مر ي سانحي تي اپوزيشن جي تنقيد

قومي اسيمبلي ۾ سومر واري ڏينهن مري سانحي بابت اپوزيشن اڳواڻن حڪومت کي ذميوار قرار ڏنو آهي. اپوزيشن اڳواڻن فوتگين تي حڪومت کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو، هنن انتظامي نااهلي تي پڻ تنقيد ڪئي، شهباز شريف ،وزيراعظم جي واقعي بابت ٽوئيٽ تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته جيڪڏهن انتظاميه تيار نه هئي ته پوءِ اوهان ڪهڙي مرض جي دوا آهيو ؟ ان صور ت ۾ ته پوءِ استعيفا ڏيو ۽ گهر هليا وڃو.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته مري ۾ افسوسناڪ واقعو ٿيو،  جنهن بابت  ڪميشن ٺاهي واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي،هن چيو ته ماڻهو 20 ڪلاڪ برفباري ۾ ڦاٿل رهيا پر ڪنهن نه پڇيو، مري ۾ ٽريفڪ پوليس موجود نه هئي، نه ڪو انتظام هو، ماڻهو مدد لاءِ سڏيندا رهيا پر ڪير  به نه پهتو، مري واقعو انتظامي ناڪامي، نااهلي ۽ مجرماڻي غفلت کانسواءِ ڪجهه ناهي،هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن گهڻي رش هئي ته سياحن کي مري وڃڻ کان روڪڻ لاءِ انتظام ڇو نه ڪيا ويا؟ موسميات کاتي جي اڳڪٿي باوجود انتظام نه ڪيا ويا، هڪ وزير چيو ته شاندار اڪانامي هلي رهي آهي، لکين ماڻهو مري وڃي رهيا آهن، حادثي وقت هڪ اسلام آباد ۾ سُتل هو ۽ ٻيو مڪاني چونڊن لاءِ ڌانڌلي ۾ رڌل هو،سندس چوڻ هو ته مري ۾ 23 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي ذميوار حڪومت آهي، قوم هن حڪومت کي معاف نه ڪندي، جڏهن به موقعو آيو ته حساب وٺندي، واقعي تي سرڪاري آفيسرن جي ڪميٽي ٺاهڻ هڪ ٻيو سنگين مذاق آهي، واقعي بابت انڪوائري ڪميشن جوڙي جاچ ڪئي وڃي،اپوزيشن اڳواڻ ، وزيراعظم جي ٽوئيٽ تي کيس  شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جيڪڏهن انتظاميا تيار نه هئي ته توهان ڪهڙي مرض جي دوا آهيو، استعيفيٰ ڏيو ۽ گهر هليا وڃو .قومي اسيمبلي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻار، پيرسن، نوجوان اسان جي راڄڌاني کان ٻه ڪلاڪ پري برف ۾ ڦاٿل رهيا پر اسان انهن کي  مدد نه پهچائي سگهياسين جيڪا انهن جو حق آهي، هن چيو ته بيوروڪريسي جي آفيسن ۽ پوليس کي فون ڪالون وڃي رهيون هيون،ڪو ته نوٽيس وٺي ها، هڪ وزير پهرين معاشي ترقي جي دعويٰ ڪئي بعد ۾ متاثرن کي ذميوار قرار ڏنو، اهڙي منافقت اسان پاڪستان جي تاريخ ۾ اڄ تائين ناهي ڏٺي، بلاول ڀٽو زرداري،شهبازشريف پاران  واقعي جي جاچ لاءِ ڪميشن  جوڙڻ واري مطالبي جي حمايت ڪئي، هن چيو ته نئون پاڪستان مهانگو پاڪستان بڻجي چڪو  آهي، رڳو هن ملڪ جي عوام جو خون سستو ٿيو آهي، وزيراعظم ۽ وڏو وزير حقيقي نمائندا هجن ها ته فوري طور تي پهچي ماڻهن جي مدد ڪن ها، حڪومت سياست کان پهرين انسانيت سکي.

پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته اسان ايٽمي طاقت آهيون پر ماڻهن کي برف کان نه بچائي سگهياسين،مري سانحو ڊزاسٽر نه غفلت جو نتيجو آهي، حڪومت وقت تي قدم کڻي ها ته ائين نه ٿئي ها.هن چيو هاڻ ته موسم جي به اڳواٽ خبر پئجي ٿي وڃي، ايڏي وڏي غفلت ٿي، جنهن سان دنيا ۾ پاڪستان جو اميج خراب ٿيو، اسان ايٽمي طاقت ۽ ستون وڏو ملڪ آهيون پر برف کان ماڻهن کي نه بچائي سگهياسين، وزيراعظم کي پنهنجي ناڪامي تسليم ڪرڻ گهرجي ها.

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شريف فيملي پنهنجي ذاتي محلن تي پئسو خرچ ڪيو، جيڪڏهن وسيلا مري تي خرچ ٿين ها ته اڄ هي ڏينهن نه ڏسڻو پئي ها،قومي اسيمبلي ۾ شهباز شريف جي تقرير تي ردعمل ڏيندي فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف کانسواءِ ڪنهن سياسي جماعت مري سانحي جي رليف ۾ حصو نه وڌو،.

شاهد خاقان عباسي سميت ن ليگ ۽ ٻين جماعتن جا اسيمبلي ميمبر گم رهيا، جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت، پاڪ فوج، ضلعي انتظاميا ۽ ٻيا ادارا رليف آپريشن ۾ مصروف رهيا،هن چيو ته 30-30 سال حڪومتون ڪندڙ اسان کان سوال ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن وسيلا مري تي خرچ ڪيا وڃن ها ته اڄ هي ڏينهن نه ڏسون ها.

اپوزيشن سانحي تي سياست ڪري رهي آهي، انهن جا لڳايل ڪنڊا اسان هر وک تي ڪڍي رهيا آهيون، سندس چوڻ هو ته هن وقت سياحت کي هٿي ملي، جيڪا حقيقت آهي .

فواد چوڌري چيو ته هڪ لک 64 هزار گاڏيون مري ۾ داخل ٿيون هيون ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو مري پهتا، جڏهن ته فواد چوڌري جي تقرير تي اپوزيشن گوڙ شروع ڪري ڇڏيو، هن خلاف ”لوٽا لوٽا“ ۽ شيم شيم جا نعرا هنيا، جڏهن ته آزاد ايم اين اي اسلم ڀوتاڻي چيو ته بلوچستان واسين پاران مري سانحي تي تعزيت ڪريون ٿا، گوادر ۾ ٻوڏ سبب گهٽ تباهي ناهي ٿي، ان تي ڳالهه  ڇو نه پئي ٿئي، گوادر سي پيڪ جو جهومر آهي، غريب ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪيو وڃي.

قومي اسيمبلي ۾ سومر واري ڏينهن اپوزيشن جي اڳواڻن جون تقريرون مري سانحي جي حوالي سان موجوده حڪومت جي اناهلي تي شديد تنقيد هئي. اهو ٺيڪ آهي ته وقت جي هر حڪومت ملڪ ۾ ٿيندڙ واقعن جي لاءِ ذميوار هوند ي آهي،

اهو به درست آهي ته مري واقعي جي مختلف پاسن جي سامهون اچڻ بعد هڪڙي پڪي پختي راءِ جڙي ٿي ته ان ۾ سرڪاري ۽ انتظامي ڪوتاهي آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن اڳواڻن پنهنجي ڪاوڙ ڪڍي پر اصل ڳالهه هي آهي ته حڪومت ڪنهن جي به هجي پر قومي اسيمبلي ۾ سمورا ميمبر برابر هوندا آهن،

اسان کي هتي صرف هڪڙي ڳالهه سموري قومي اسيمبلي کي عرض رکڻي آهي ، اها هي آهي ته عملي طور تي اها تسليم ٿيل حقيقت آهي ته ماڻهو غلطيون ڪري ٿو، پر انسان جي ترقي يا اڳيان وڌڻ جو مطلب هوندو آهي ته ساڳي نوعيت جي غلطي جو ورجاءَ نه ٿئي،ڇا ڀلا هي هيڏي وڏي قومي اسيمبلي عام ماڻهون کي هن سانحي کانپوءَ  ڪو اهڙو طور طريقو جوڙي ڏئي سگهي ٿي جنهن سان اها ضمانت ملي سگهي ته اهڙو واقعو وري نه ورجائبو ؟ يا وري اهڙي ضمانت ڏيڻ جي لاءِ اسان کي اڃان گهڻو وقت لڳندو ؟

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.