سانحو مري ۽ سياحت وارو سوال۔۔؟

تحرير : سيما عباسي

سڄي قوم مري واري سانحي تي سوڳوار آھي۔ نھايت ڏوکوئيندڙ ۽ جان گداز واقعو آھي  جنھن ۾ ٽيويهھ انساني جانين جو نقصان اسان جي ملڪ جي ناقص انتظامن ۽ ريسڪيو ادارن جي ڪارڪردگيءَ تي تمام وڏا سواليه نشان لڳائي سڄي دنيا جي سياحتي شھرن ۾ اسان جي ملڪ کي عجيب انداز ۾ متعارف ڪرائي ھليو ويو آھي۔ ھِن المياتي واقعي ۾ مرڻ وارن ۾ ڪيترائي اھڙا مرد ۽ عورتون شامل ھئا جيڪي پنھنجي زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين امڪاني مدد جا منتظر رھيا.

پنھنجي زندگيءَ جي آخري ساھن کڻڻ تائين اھي سڀ انهيءَ اميد تي ٻاھرين امداد لاءِ واجھائيندا رھيا ته ڪاش! ڪا معجزاتي مدد ھنن جون زندگيون بچائي سگھي۔ ۽ ھو ھِن موت مار برفاني طوفان منجھان بچي نڪري سگھن۔ ھن واقعي ۾ اي ايس آءِ نويد اقبال پڻ پنھنجي فيملي سميت جان جي بازي ھارائي ويو۔ نويد اقبال جي پاڙيسرين جو چوڻ ھو ته ھو ھڪ  فرض شناس آفيسر ۽ نهايت ئي سٺو انسان ھو۔ جيڪو ماڻھن جي مشڪلاتن ۾ سدائين انھن جي مدد ڪرڻ ۾ اڳڀرو رھندو ھو۔ پر افسوس ھن جي مشڪل وقت ۾ ڪنھن به ھن جي مدد نه ڪئي.

ھن واقعي تي وزيراعظم صاحب تبصرو ڪندي فرمايو آھي ته انتظاميه ان غير معمولي صورتحال سان منھن ڏيڻ لاءِ تيار نه ھئي۔ اسان جي معصوم وزيراعظم صاحب کان اھو سوال ضرور پڇيو وڃڻ گهرجي ته جيڪڏھن انتظاميه ملڪ ۽ شھر جي موسمي پيشن گوئي ڪيل ڪنھن غير معمولي صورت حال سان منھن ڏيڻ لاءِ به تيار ناھي ته پوءِ ھو اڳوڻي حڪومت کان بھتر حڪومت ھلائڻ جي دعويداري ڪھڙي بنياد تي ڪري سگھي ٿي؟ سچ ته اھو آھي ته مري وارو سانحو موجوده حڪومت جي ناقص انتظامي ڪارڪردگيءَ جو اعليٰ ثبوت ڏيڻ سان گڏوگڏ انساني اخلاقي قدرن جي زوال طرف پڻ اشارو ڪري رھيو آھي۔ ڇا اھڙن موقعن جو فائدو وٺي پنھنجو ڪاروبار چمڪائڻ جھڙو ڪڌو عمل ڪرڻ انھن ”مقامي ماڻھن“ کي جڳائي پيو جن پنج ھزار ڪمري جي ڪِرائي کي پنجاھ ھزار تائين پھچائي ڇڏيو۔ ۽ ماڻھن پنھنجي زالن جا زيور ڏيئي انھن جي مطالبن کي صرف انھي ڪري پورو ڪيو جو ھنن کي پنھنجي جان بچائڻ جي مجبوري ھئي۔ ٻڌايو پيو وڃي ته ان ڏينھن ڌنڌوڙي ماڻھن جا وارا نيارا ٿي ويا۔ ھنن پنجاھ روپين واري چانهھ پنج سئو ۾ ۽ ھڪ انڊي جي قيمت ست سئو روپين تائين وصول ڪئي۔ ھي انساني قدرن جو زوال ناھي ته ٻيو ڇا آھي؟ ڇا اهڙيون غير انساني حرڪتون هڪ انسان کي شيطان سڏرائڻ لاءِ ڪافي ڪونهن۔۔

تاريخي حوالي سان  ڪوهَ مري ۾ رھندڙ مقامي ماڻھن جي اھڙي بي حسيءَ کي سدائين  ڪڌن لفظن ۾ ياد  رکيو ويندو۔ جيڪڏهن هاڻي هو سڄي دنيا ۾ پنهنجي بدنامي  ۽  ڪاروباري نقصان جي پيش نظر  پنهنجي هوٽلن جا ڪمرا مفت ۾ مسافرن لاءِ وقف به ڪن ته ڇا فائدو۔۔انسانيت ته اها هجي ها جڏهن  هو ماڻھن جي ڏکي وقت ۾ انهن کي اها آڇ ڪن ها۔۔

ھن واقعي کان ٻه ڏينھن اڳ وفاقي وزير فواد چوڌريءَ پنھنجي ھڪ بيان ۾ چيو ھو ته ڪوهَ مري ۾ ھڪ لک گاڏيون داخل ٿي چڪيون آھن۔ ۽ ھڪ لک ماڻھن جي گھمڻ کي ھو معاشي حوالي سان ملڪ جي مضبوطي تصور ڪري ٿو۔ ساڳي تناظر ۾ وزيراعظم صاحب پنھنجي ڪيترين ئي تقريرن ۾ پاڪستاني سياحت کي بين الاقوامي سطح تي آئيڊيل قرار ڏيندي ملڪي سياحت جي فروغ بھبود ۽ ترقيءَ جون ھامون ھڻندو رھيو آھي۔ ھن المياتي واقعي کان پوءِ ڇا ٻاھرين ملڪن ۾ پاڪستان جي سياحت کي پر اعتماد انداز سان معيشيت جي مضبوطي جي حوالي سان ڪا ھام ھڻندي متعارف ڪرائي سگھجي ٿو۔ ؟

حقيقت   اھا آھي ته ھيءَ حڪومت رڳو اڳوڻين حڪومتن تي تنقيد ڪرڻ کي پنھنجي دؤر اقتدار جو اھم منشور سمجھندي رھي آھي۔ شروع شروع ۾ عوام کي پڻ اهڙن احتسابي بيانن ۾ دلچسپي محسوس ٿيندي ھئي پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ جڏھن ملڪ کي بھتر انداز ۾ ھلائڻ جي ڪابه سنجيده حڪمت عملي سامھون نه آئي۔  مھانگائي ڏينهون ڏينهن وڌندي وئي۔  بجلي ۽ گئس جي فراھمي پڻ انھن جي ناقص انتظامي ڪارڪردگيءَ جي ور چڙھندي وئي ته پوءِ  پي ٽي آءِ کي سپورٽ ڪندڙن ماڻھن پڻ اکيون کوليندي ھن حڪومت کي عوام دشمن حڪومت قرار ڏنو۔ ڪوهَه مري سانحو ھن حڪومت جي نااھل انتظاميه جي ناقص ڪارڪردگيءَ کي ظاھر ڪرڻ سان گڏوگڏ اھو سمجھائڻ لاءِ پڻ ڪافي آھي ته سياحت جي شعبي ۾ غير معمولي دلچسپي رکندي به جڏھن انتظامن جو اھو حال آھي ته پوءِ ملڪ جا ٻيا معاملا ڪھڙي پري پلاننگ تحت ھلايا ويندا ھوندا؟

بهرحال ٿيڻ ته اھو گھرجي ھا ته جڏھن مري جي حوالي سان خطرناڪ موسمي پيشن گوئي ڪئي وئي ھئي ۽ ان ڏينھن برفاني طوفان جي اطلاع غير معمولي حوالي سان ڏني وئي ته پوءِ وقت سر برف ھٽائڻ واري مشينري ۽ ذميوار ادارن جا ماڻھون ڪنھن غير معمولي صورتحال سان منھن ڏيڻ لاءِ ڇو نه تيار رکيا ويا؟ ۽ هڪ لک گاڏين کي شهر ۾ ڇو ڇڏيو ويو۔؟ واقعي کان پوءِ جڏھن پنجاب جي وزير عثمان بوزدار کي جھاز جي ذريعي مري جو جائزو وٺندي ڏٺو ويو ته هن تي سوشل ميڊيا جي ذريعي  ڇتي تنقيد ڪئي وئي۔  جيڪا ته حق بجانب ھئي.

اھڙي قسم جا اپاءُ جيڪڏھن اڳواٽ ورتا وڃن ھا  ۽ ذميدار ادارن جا متعلقه فرد انفرادي طور تي پنھنجون پنهنجون  ذميواريون پوريون ڪن ھا ته شايد اھڙي قسم جا واقعا پيش ئي نه اچي سگھن ھا۔ موسمي پيشن گوئين جي حساب سان متعلقه زميدار ادارن جا اڳواٽ دورن کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ جهازن جي ضرورت ڪونه پوندي آھي۔۔صرف پڇاڻي  ۽ چيڪ  بيلينس ڪرڻ جي ضرورت پوندي آھي۔۔جنهن ۾ ماشالله اسان جا وزير سدائين ويسر جا مريض رهيا آھن۔۔سانحن کان پوءِ انتظامن جو جائزو خبر ناهي ڪهڙي عقل تحت ورتو ويندو آھي۔۔؟شايد نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ۔۔ٿيڻ ته اهو گهرجي ته اهڙو ڪاٿو ذھن ۾ رکندي انتظامن جي بهتر پري پلاننگ کي سگهاري انداز ۾ بهتر کان بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ته شايد  اهڙا  واقعا ئي ڪونه ٿين.

ھن سڄي المياتي صورتحال ۾ جيترو ڏوهه انتظاميا جي غفلت جو آھي ايترو ئي ڏوهه انھن سياحن جو پڻ آھي۔ جيڪي موسم جي پيشگي وارننگ کي نظر انداز ڪندي برف باري ڏسڻ لاءِ پنھنجي معصوم ٻارن سميت ھن موت مار موسم مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ پنھنجي گھرن مان نڪري پيا۔ ھن سانحي جي حوالي سان ڪوهَ مري جي مقامي ماڻھن جي جيڪا نفسيات سامھون آئي آھي۔ اھا نه صرف افسوس جوڳي آھي بلڪه مذمت جوڳي پڻ آھي۔ ان موقعي تي انھن ڌنڌوڙي ماڻھن جي لالچ تي يقينًا شيطان به شرمائجي ويو ھوندو.

ٿيڻ ته اھو گھرجي جو ھن واقعي کان پوءِ ھيلي ڪاپٽرن تي دؤرا ڪرڻ جي بدران ذميدار ادارن کي فعال ۽ بروقت مدد ڪرڻ جي ڏس ۾ نئين سري سان ٽرينڊ ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪوهَه مري جي رستن  جي مرمت پڻ ڪئي وڃي۔ ان کان علاوه ڪاربان مونو آڪسائيڊ گئس جي حوالي سان پڻ ماڻھن کي آگاھي ڏيڻ جي ڏس ۾ ڪا مھم ھلائي وڃي ته جيئن ماڻھو اھڙي حادثاتي موت جو کاڄ بڻجڻ کان بچي سگھن۔

 

لٹ گيا وه تیرے کوچے میں رکھا جس نے قدم،

اس طرح کی بھی کہیں  رہزنی ہوتی ہے  بھلا؟

نامعلوم

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.