اسسٽنٽ ڪمشنر گمبٽ ۽ احمدپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي شوڪاز

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو)عدالتي حڪمن جي تعميلات ڇونه ٿي؟ خيرپور جي عدالت اسسٽنٽ ڪمشنر گمبٽ ۽ احمدپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ۾ جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت. تفصيل مطابق خيرپور جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج مقبول احمد ميمڻ جي عدالت عدالتي حڪمن جي تعميلات نه ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر گمبٽ ۽ احمدپور ٿاڻي جي ٿاڻيدار خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

  • ٻنون: بدنام ڏوھاري کي گرفتار ڪندڙ ايس ايڇ او کي 44 ھزار رپين جو انعام

ٻنون (ن ع آو) سجاول ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ قتل، اغوا، ڦر، چوري ۽ زنا سميت ٻين سنڱين وارڌاتن ۾ ملوث بدنام  ڌاڙيل ستار سوڍو کي مقابلي بعد گرفتار ڪندڙ دڙو ٿاڻي جي جي اڳوڻِ  ايس ايڇ او ڪليم احسن کي سجاول جي يس ايس پي پنهنجي آفيس ۾ طلب ڪري آءِ جي سنڌ طرفان موڪليل 44 ھزار رپين جو انعام چيڪ جي صورت ۾حوالي ڪيو

  • ٽنڊي آدم ۾ پوليس ڪارروايون، 4 ڄڻا گرفتار

ٽنڊو آدم (ن ع آ) ٽنڊي آدم سٽي پوليس جون منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف  ڪاروايون جاري ۔ پوليس ڳجهي اطلاع تي هڪ جاء تي ڇاپو گڻي  3 منشيات فروشن حب علي سمون ، نصيب الله رند ۽ سليم خاصخيلي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان سوا ڪلو چرس برآمد ڪري مٿن منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٻي ڪاروائي ۾  عطر عرف ٺارو مري کي گرفتار ڪري سندس  قبضي مان غير لائسنس جي 30 بور جو پسٽل برآمد ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي  مٿس سنڌ آرمس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي

  • ٽنڊو باگو پوليس جي ڪارروائي، 2 منشيات فروش گرفتار 

ٽنڊو باگو (ت ر ) ٽنڊو باگو ايس ايڇ او بشير احمد چانڊيو ٽنڊو باگو ۾ ايندي ئي منشات فروشن خلاف رڻ ٻاري ڏنو جڏهن ته مختلف  هندي تي ڇاپا هڻي ٻن ڄڻن لکو ريٻاري ۽ عبدارزاق انصاري کي گرفتار ڪري منشات ايڪٽ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٻئي ڄڻا لاڪ اپ حوالي ڪيا ويا آهن.

  • جيڪب آباد ۾ ايس ايس پي جي ڪارروائي، جوابدار گرفتار

جيڪب آباد (ڊر ) جيڪب آباد ۾ ايس ايس پي شمائل رياض ملڪ جي حڪم تي ڪارروائي ڪندي اسنيپ چيڪنگ دوران ملزم  عباس علي ولد بهرام جمالي کي ڳوٺ غوث بخش جتوئي جي ويجھو گرفتار ڪري ورتو آهي، سندس قبضي مان منشيات 25 ڪلو گرام چرس برآمد ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وئي، جڏهن ته صدر ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جي هڪ ٻئي ڪارروائي ۾ پڪٽ نمبر 9 بائي پاس جي ويجھو ڳجهي اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي منشيات جي وڏي کيپ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي چيڪنگ جي دوران هڪ مزدا ٽرڪ SEB231 جي خفيه خانن مان وڏي مقدار ۾ منشيات 200 ڪلو گرام چرس برآمد ڪئي.

  • 12 مئي ڪيس، وسيم اختر جي بنا اجازت پرڏيهه وڃڻ تي ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 12 مئي سانحي جي 7ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي .ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ وسيم اختر جي بنا اجازت پرڏيهه وڃڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ  جو اظهار ڪيو .عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جنوري جي آخري هفتي ۾ رکي ڇڏي آهي .وسيم اختر پاران حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪئي آهي. عدالت حاضري کان ڇوٽ واري وسيم اختر جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي .عدالت غير حاضري تي ايم ڪيو ايم جي محمد حنيف جي خلاف ضمانت نه ٿيڻ جوڳاگرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا . 03 .

  • مري سانحي تي سرڪاري ڪميٽي رد، عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي: شازيا مري

اسلام آباد (م ڊ) پ پ پارليامينٽيرينز جي اطلاعات سيڪريٽري شازيا مري چيو آهي ته سليڪٽڊ حڪومت کي مري سانحو وسارڻ  نه ڏينداسين، سانحي جي غير جانبدار جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شازيا مري چيو ته مري سانحي تي بلاول ڀٽو ڏکويل خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو، اهو وڏو سانحو هو، جنهن لاءِ اسان جو مطالبو هو ته رڳو مري سانحي جي ڳالهه ٻولهه ٿئي. هن چيو ته اپوزيشن حقيقي ڳالهيون ڪيون پر افسوس ته حڪومتي وزير جو بيان درست نه هو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.