چمبڙ ۾ بدامني، واپارين کان 8 لک رپيا ڦر، مزاحمت تي زخمي

ٽنڊو الهيار/ چمبڙ( ڊر + ن ع آ) چمبڙ ويجهو چوپائي مال جي واپارين کان 8 لک رپيا ڦرجي ويا، مزاحمت تي ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.  چمبڙ ٿاڻي جي حد م ٽي اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن چوپائي مال جي واپارين  اشرف گجر ۽ بدر علي بوزدار کان 8 لک رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا مزاحمت تي ٻئي واپاري سخت زخمي ٿي پيا، جن کي چمبڙ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي چمبڙ ۾ لڳندڙ چوپائي مال جي پڙي مان واپاري چمبڙ ڀرسان ڳوٺ مسوبوزدار وڃي رهيا هئا تي هٿياربندن پيڇو ڪري رقم ڦري.  چمبڙ ٿاڻي تي واپاري بدرالدين بوزدار جي فرياد تي ڪيس ٽن اڻڄاتل ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.