ڪنري ڀرسان جھيڙو، نوجوان تي وڻ سان ٻڌي تشدد، ڪتن جي بڇ

ڪنري (رپورٽ: وسرام چند مڪواڻا) ڪنري ويجھو ڳوٺ پريل سولنگي ۾ گھٽي ۾ مال ڪاھي گذرڻ تان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ مبينا طور جھيڙو ٿي پيو، جوابدارن نوجوان شاھجھان سولنگي کي پڪڙي وڻ سان  سنگھرن ۾ ٻڌي سخت مارڪٽ ڪري، پويان ڪتا بڇ ڪرايا، نوجوان جي رڙين تي پاڙي جي ماڻھن پھچي نوجوان کي آزاد ڪرائي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي نوجوان شاھجھان سولنگي ٻڌايو ته سندس ڀائيٽيو روزانو مال کي پاڻي پيارڻ لاءِ واهه تي ويندو آھي، جنھن کي ڄاڻايل ماڻھو گارگند ڪندا ھئا، جنھن ڪري ڪالهه آئون پنھنجي ڀائيٽي سان گڏ مال جي پاڻي پيارڻ وڃي رھيا ھئاسين ته گھٽي تان گذرڻ تي جوابدارن فتح محمد سولنگي، شمس، ببلو، يوسف سولنگي ۽ ٻن عورتن پڪڙي زنجيرن سان وڻ ۾ٻڌي سخت تشدد ڪري ڪتن جي بڇ ڪرائي وئي، جڏھن ته سندس ڀائيٽي ڀڄي جان بچائي، ٻئي پاسي  ڪنري پوليس جو چوڻ آھي ته نوجوان کي وارث ٿاڻي تي وٺي آيا ھئا کيس علاج لاءِ ليٽر ڏنو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.